صدر طرفان محمد آصف کي عالمي اسنوڪر چيمپيئن شپ کٽڻ تي مبارڪون

اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري محمد آصف کي عالمي اسنوڪر چيمپيئن شپ کٽڻ تي دلي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته عالمي مقابلي ۾ ڪاميابي پاڪستاني رانديگرن جي صلاحيت، عزم ۽ محنت جو ثبوت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر چيو ته محمد آصف شاندار ڪارڪردگي سان قوم جو سر فخر سان بلند ڪيو، عالمي مقابلي ۾ ڪاميابي …

اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري محمد آصف کي عالمي اسنوڪر چيمپيئن شپ کٽڻ تي دلي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته عالمي مقابلي ۾ ڪاميابي پاڪستاني رانديگرن جي صلاحيت، عزم ۽ محنت جو ثبوت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر چيو ته محمد آصف شاندار ڪارڪردگي سان قوم جو سر فخر سان بلند ڪيو، عالمي مقابلي ۾ ڪاميابي پاڪستاني رانديگرن جي صلاحيت، عزم ۽ محنت جو واضح ثبوت آهي. صدر محمد آصف جي محنت، حوصلي ۽ پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيندي چيو ته توهان ثابت ڪري ڇڏيو ته پاڪستاني رانديگر عالمي سطح تي ڪنهن کان گهٽ ناهن. محمد آصف فائنل ۾ ڀارتي رانديگر بريجبيش داماني کي شڪست ڏئي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو.