اسلام آباد – 19 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ گهرو وزير محسن نقوي وچ ۾ اهم ملاقات ٿي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، امن امان جي مجموعي صورتحال ۽ ميڊيا جي مثبت ڪردار جي حوالي سان خيالن تي تفصيلي ڏي وٺ ٿي. جاري بيان موجب ٻنهي وزيرن رياستي موقف کي سگهارو بنائڻ، عوام ۾ اعتماد جي فضا قائم رکڻ ۽ …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ گهرو وزير محسن نقوي ۾ اهم ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ گهرو وزير محسن نقوي وچ ۾ اهم ملاقات ٿي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، امن امان جي مجموعي صورتحال ۽ ميڊيا جي مثبت ڪردار جي حوالي سان خيالن تي تفصيلي ڏي وٺ ٿي. جاري بيان موجب ٻنهي وزيرن رياستي موقف کي سگهارو بنائڻ، عوام ۾ اعتماد جي فضا قائم رکڻ ۽ سوشل ميڊيا تي گمراهه ڪندڙ معلومات جي تدارڪ جي لاءِ مربوط حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وزير چيو ته ملڪي سلامتي، قومي ادارن جي وقار ۽ سماجي هم آهنگي خلاف ڪنهن به ناڪاري پروپيگنڊه کي برداشت نه ڪيو ويندو. گهرو وزير چيو ته امن امان قائم ڪرڻ ۽ دهشتگردي خلاف قدمن ۾ ميڊيا جو تعميري ڪردار ساراهه جوڳو آهي. ملاقات ۾ قومي مفادن تحت ادارن جي سطح تي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو ويو.











