اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ سندس والده ساجده فاروق تارڙ جي سينئر اينڪر پرسن مهر بخاري جي رهائشگاهه آمد، امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

لاهور - 19 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ سندس والده ساجده فاروق تارڙ سينئر اينڪر پرسن مهر بخاري جي رهائشگاهه تي ويا ۽ سندن امڙ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ۽ سندس امڙ مرحومه جي خاندان جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻن تعزيت جو اظهار ڪيو. هنن مرحومه جي …

لاهور – 19 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ سندس والده ساجده فاروق تارڙ سينئر اينڪر پرسن مهر بخاري جي رهائشگاهه تي ويا ۽ سندن امڙ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ۽ سندس امڙ مرحومه جي خاندان جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻن تعزيت جو اظهار ڪيو. هنن مرحومه جي روح لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته مهر بخاري جي امڙ ثمينه بخاري جو لاڏاڻو خاندان لاءِ هڪ وڏو الميو آهي. ماءُ جو لاڏاڻو هڪ اهڙو خال آهي جيڪو ڪڏهن به ڀرجي نٿو سگهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ سندس والده ساجده فاروق تارڙ مرحومه جي درجن جي بلندي ۽ خاندان لاءِ صبر جي دعا ڪئي.