راولپنڊي-18 جولاءِ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان لبيا جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل صدام خليفه حفتر ڪالهه جنرل هيڊ ڪوارٽرز ۾ ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، علائقائي صورتحال، سيڪيورٽي چئلينجز ۽ دفاعي تعاون بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن سيڪيورٽي چئلينجز کي …
چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان لبيا جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف جي ملاقات

مزید خبریں
راولپنڊي-18 جولاءِ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان لبيا جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل صدام خليفه حفتر ڪالهه جنرل هيڊ ڪوارٽرز ۾ ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، علائقائي صورتحال، سيڪيورٽي چئلينجز ۽ دفاعي تعاون بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن سيڪيورٽي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ دفاعي، صنعتي تعاون ۽ فني مهارت جي مٽاسٽا تي اتفاق ڪيو. جنرل هيڊ ڪوارٽرز جي ايڇ ڪيو پهچڻ تي ليفٽيننٽ جنرل صدام خليفه حفتر پاڪ فوج جي شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. معزز مهمان جي اچڻ تي سندس شاندار آڌرڀاءُ ڪيو ويو ۽ پاڪ فوج جي چست جٿي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو.











