اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايشين انڊر 16 والي بال چيمپيئن شپ ۾ فائنل جي لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ تي پاڪستاني ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان ان پوري ٽورنامينٽ ۾ ناقابل شڪست رهيو، سيمي فائنل ۾ ڀارت کي شڪست ڏئي فائنل جي لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ انتهائي …
وزيراعظم پاران ايشين انڊر 16 والي بال چيمپيئن شپ ۾ فائنل جي لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ تي پاڪستاني ٽيم کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايشين انڊر 16 والي بال چيمپيئن شپ ۾ فائنل جي لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ تي پاڪستاني ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان ان پوري ٽورنامينٽ ۾ ناقابل شڪست رهيو، سيمي فائنل ۾ ڀارت کي شڪست ڏئي فائنل جي لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ انتهائي خوش آئنده آهي. هن چيو ته پوري قوم کي پنهنجي نوجوانن تي فخر آهي، دعا آهي ته الله تعاليٰ فائنل ۾ پاڪستاني ٽيم کي ڪامياب ڪري.











