وفاقي وزير ڄام ڪمال جون لنڊن ۾ اعليٰ سطح ملاقاتون

اسلام آباد-18 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان لنڊن ۾ اعليٰ سطح جي ملاقاتن جو سلسلو منعقد ڪيو جنهن جو مقصد پاڪستان ۽ برطانيه جي واپاري ۽ سيڙپڪاري سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ ترجيحي شعبن ۾ اداره جاتي رابطن کي هٿي ڏيڻ هو. گذريل ڏينهن جاري پريس رليز موجب لنڊن چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايل سي سي آءِ) سان هڪ ملاقات ۾ وفاقي …

اسلام آباد-18 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان لنڊن ۾ اعليٰ سطح جي ملاقاتن جو سلسلو منعقد ڪيو جنهن جو مقصد پاڪستان ۽ برطانيه جي واپاري ۽ سيڙپڪاري سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ ترجيحي شعبن ۾ اداره جاتي رابطن کي هٿي ڏيڻ هو. گذريل ڏينهن جاري پريس رليز موجب لنڊن چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايل سي سي آءِ) سان هڪ ملاقات ۾ وفاقي وزير چيو ته ويجهڙ ۾ شروع ٿيندڙ يو ڪي- پاڪستان واپاري ڳالهيون ٻه طرفي واپار ۾ اڳڪٿي، شفافيت ۽ ڪاروبار دوست پاليسين جي هڪ نئين دؤر لاءِ تيار آهي. هن چيمبر جي حوصله افزائي ڪئي ته هو سهڪار کي اداره جاتي شڪل ڏيڻ ۽ گڏيل موقعن کي کولڻ لاءِ پاڪستاني چيمبرز ۽ واپاري ادارن سان سيڪٽر جي حوالي سان مفاهمت جي يادداشت کي تلاش ڪري. ڄام ڪمال خان پاڪستان جي وڌندڙ آءِ ٽي روانگي واپار تي روشني وڌي ۽ چيو ته مالي سال 24-2023ع ۾ 3.2 ارب آمريڪي ڊالر کان وڌي ويو. وفاقي وزير ايل سي سي آءِ جي ميمبرن کي پاڪستان جي متحرڪ ٽيڪ ايڪو سسٽم سان مشغول ٿيڻ جي دعوت ڏني جيڪو هاڻ فري لانس آءِ ٽي پروفيشنل لاءِ عالمي سطح تي ٻئي نمبر تي آهي. هن مصنوعي ذهانت ۽ بلاڪ چين جهڙن اُڀرندڙ شعبن ۾ سهڪار جي اهميت تي زور ڀريو ۽ پاڪستان جي جديد فن ٽيڪ صلاحيتن جو خاڪو پيش ڪيو، خاص ڪري شروعاتي بلاڪ چين سان هلندڙ پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي جي حل ۽ ڊجيٽل اثاثن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. واپار گرين انويسٽمينٽ لاءِ پاڪستان جي تياري تي به زور ڀريو، برطانيه جي فرمن کي پاڪستان جي تجديد جوڳي توانائي جي منتقل ۾ ڀائيواري جي دعوت ڏني. هن گهٽ استعمال ٿيل شعبن ۾ ڌيان ڏيندي پاڪستان کي باقائده بزنس فورمز ۽ ايل سي سي آءِ جي قيادت هيٺ واپاري مشنز جي تجويز ڏني. پاڪستان برٽين بزنس ڪونسل (پي بي بي سي) ۾ واپار واري وزير ٻنهي ملڪن ۾ سرڪاري ۽ نجي شعبي کي ملائڻ ۾ ڪونسل جي اهم ڪردار کي تسليم ڪيو. ڪونسل برطانيه ۾ پي آءِ اي جي آپريشنز کي بحال ڪرڻ ۾ پاڪستان حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو وفاقي وزير پي بي بي سي جي حوصله افزائي ڪئي ته هو غير روايتي پاڪستاني روانگي واپار ۽ ايس ايم ايز، خاص طور تي آءِ ٽي سروسز، عورتن جي قيادت هيٺ انٽر پرينيئورشپ ۽ ثقافتي صنعتن لاءِ پنهنجي حمايت کي وڌائين. هن تعليمي ۽ صنعتي رابطن جي اهميت تي پڻ زور ڀريو. يو ڪي پاڪستان چيمبز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريءَ سان پنهنجي ملاقات ۾ ڄام ڪمال برطانيه جي آمدني واپار ڪندڙن ۽ اعتماد جوڳي پاڪستاني سپلائرز وچ ۾ بهتر هڪجهڙائي تي زور ڀريو. هن چيمبر تي زور ڀريو ته هو جوائنٽ وينچر، فرنچائزنگ ۽ اسٽارٽ اپ انڪيوبيشن ذريعي پاڪستان ۾ پرڏيهين جي قيادت ۾ سيڙپڪاريءَ کي متحرڪ ڪن ۽ سياحت ۽ ثقافت تي ٻَڌل قدمن لاءِ وڌيڪ سهڪار جي تجويز پيش ڪئي. هن برطانيه جي ڊجيٽل اڪانومي ۾ پاڪستان جي نمائش کي وڌائڻ لاءِ گڏيل ايڪسلريٽرس، ڊجيٽل سروسز بي ٽو بي پليٽ فارمز ۽ ٽيڪ سينٽرڊ بزنس مشنز جي ضرورت تي روشني وڌي. چيمبر جي هڪ ميمبر وزير شمسي توانائي سان هلندڙ گهريلو اوزارن کي پاڪستان جي مارڪيٽ ۾ متعارف ڪرائڻ جي باري ۾ ڳالهه ڪئي، جڏهن هڪ ٻئي ميمبر پاڪستان مان برطانيه جي سڀ کان وڏن پرچون وارن دڪانن کي برآمد ڪيل فروٽن ۽ ڀاڄين جي طلب ۾ سپلاءِ چين قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جو سفر ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. وفاقي وزير واپاري ونگ جي ٽيم کي هدايت ڪئي ته هو ڪاروباري ادارن سان رابطن ۾ رهن ۽ واپاري رابطن کي اڳتي وڌائين. ڏينهن جي پڄاڻي لنڊن جي پاڪستاني ڪميونٽي جي تعليم جي ماهرن، ڪاروباري ماڻهن، آءِ ٽي سيڪٽر جي ڪمپنين ۽ سافٽ ويئر هائوسز سان ڊنر سان ٿي.