پاڪستان ۾ مقرر ڊينمارڪ جي سفير جيڪب لِنالف جي مان ۾ سفارتخاني ۾ شاندار الوداعي تقريب منعقد

اسلام آباد-18 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۾ مقرر ڊينمارڪ جي سفير جيڪب لِنالف جي مان ۾ سفارتخاني ۾ شاندار الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي، ڊينمارڪ جي سفير پاڪستان ۾ پنهنجو سفارتي مدو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ واپس وطن وڃي رهيو آهي. تقريب ۾ قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان ڪچي خاص مهمان طور شرڪت ڪئي جنهن جي ڊينمارڪ جي سفير گرمجوشي سان آجيان ڪئي. ان موقعي تي …

اسلام آباد-18 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۾ مقرر ڊينمارڪ جي سفير جيڪب لِنالف جي مان ۾ سفارتخاني ۾ شاندار الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي، ڊينمارڪ جي سفير پاڪستان ۾ پنهنجو سفارتي مدو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ واپس وطن وڃي رهيو آهي. تقريب ۾ قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان ڪچي خاص مهمان طور شرڪت ڪئي جنهن جي ڊينمارڪ جي سفير گرمجوشي سان آجيان ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير ۽ ڊينمارڪ جي سفير وچ ۾ گڏيل ثقافتي تعاون، سياحت کي هٿي وٺرائڻ ۽ ورثي ۽ فن جي ذريعي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. نفٽي اسفيئر انسٽيٽيوٽ آف آرٽس اينڊ ڊزائين جي سي اي او عثمان شاهه به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. هن قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت، پاڪستان حڪومت طرفان ڊينمارڪ جي سفير کي سنڌ جي ثقافتي ورثي جي عڪاسي ڪندڙ هڪ خوبصورت پينٽنگ پيش ڪئي، جيڪا ثقافتي خير سگالي ۽ لاڳاپن جي علامت هئي. ٻئي پاسي ان موقعي تي وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي اٽلي جي سفير ماريلينا آرميلن سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ ورثي ۽ ثقافت جي شعبي ۾ تعاون جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.