اسلام آباد-18 جولاءِ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم ميرٽ تي ڀرتين لاءِ پرعزم آهي، ڪوٽا موجب ڀرتي لاءِ تعليمي معيار تي پورو لهندڙن لاءِ به آساني پيدا ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن سينيٽ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته بلوچستان، ڏکڻ پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ ٻين ڏورانهن علائقن جي اميدوارن ۾ جيڪڏهن شهري علائقن جي اميدوارن جي …
وزيراعظم ميرٽ تي ڀرتين لاءِ پرعزم آهي: اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد-18 جولاءِ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم ميرٽ تي ڀرتين لاءِ پرعزم آهي، ڪوٽا موجب ڀرتي لاءِ تعليمي معيار تي پورو لهندڙن لاءِ به آساني پيدا ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن سينيٽ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته بلوچستان، ڏکڻ پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ ٻين ڏورانهن علائقن جي اميدوارن ۾ جيڪڏهن شهري علائقن جي اميدوارن جي چٽاڀيٽي موجب صلاحيت ناهي ته ڪوشش ڪئي ويندي ته انهن جو معيار بهتر بڻايو وڃي ته جيئن هو پنهنجي ڪوٽا موجب نوڪريون حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته جيڪڏهن اسان تعليم تي ٺاهه ڪرڻ ڇڏي ڏيون ته ملڪ سڌري ويندو، پنهنجو پاڻ سان واعدو ڪريون ته ايندڙ نسلن کي سڌارڻ لاءِ تعليم تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو.











