نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان افغانستان جي وقتي گهرو وزير سراج الدين حقاني جي ملاقات

ڪابل – 17 جولاءِ– (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ افغانستان جي وقتي گهرو وزير سراج الدين حقاني جي وچ ۾ ملاقات ٿي، ٻنهي طرفن کان سلامتي جي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ خطي جي ملڪن کي درپيش خطرن جي خاتمي جي اهميت تي زور ڏنو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان (يو اي …

ڪابل – 17 جولاءِ– (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ افغانستان جي وقتي گهرو وزير سراج الدين حقاني جي وچ ۾ ملاقات ٿي، ٻنهي طرفن کان سلامتي جي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ خطي جي ملڪن کي درپيش خطرن جي خاتمي جي اهميت تي زور ڏنو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان (يو اي پي) ريلوي لنگهه جي گڏيل فزيبلٽي اسٽڊي جي فريم ورڪ معاهدي جي تقريب جي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ افغانستان جي وقتي گهرو وزير سراج الدين حقاني جي وچ ۾ ملاقات ٿي. ملاقات دوران ٻنهي طرفن کان سلامتي جي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ خطي جي ملڪن کي درپيش خطرن جي خاتمي جي اهميت تي زور ڏنو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سمورن اهم مسئلن خاص طور تي سلامتي ۽ سرحدي انتظامن جي معاملن جي حل جي ضرورت کي اجاگر ڪيو ته جيئن اقتصادي تعاون ۽ علائقائي رابطي جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻي سگهجي.