ڪابل – 17 جولاءِ– (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار افغان ۽ ازبڪ پرڏيهي وزيرن سان گڏ ڪابل ۾ ٽه ڌريي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. اهو اجلاس ازبڪ – افغان – پاڪ (يو اي پي) ريلوي منصوبي جي گڏيل فزيبلٽي اسٽڊي جي فريم ورڪ معاهدي تي صحيحن کان اڳ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ٽنهي ملڪن جي وچ …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي افغان ۽ ازبڪ پرڏيهي وزيرن سان گڏ ڪابل ۾ ٽه ڌريي اجلاس ۾ شرڪت

مزید خبریں
ڪابل – 17 جولاءِ– (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار افغان ۽ ازبڪ پرڏيهي وزيرن سان گڏ ڪابل ۾ ٽه ڌريي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. اهو اجلاس ازبڪ – افغان – پاڪ (يو اي پي) ريلوي منصوبي جي گڏيل فزيبلٽي اسٽڊي جي فريم ورڪ معاهدي تي صحيحن کان اڳ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن، امن، رابطن، واپار ۽ علائقائي ترقي جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته خطي جي اقتصادي صلاحيت کي اجاگر ڪرڻ ۽ پنهنجي عوام جي ڊگهي مدي واري خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مسلسل تعاون ضروري آهي.











