اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ايس ٽي پي جي 41هين پاسنگ آئوٽ تقريب دوران انفارميشن گروپ جي آفيسرن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا

اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ منعقد اسپيشلائيزڊ ٽريننگ پروگرام (ايس ٽي پي) جي 41هين پاسنگ آئوٽ تقريب دوران انفارميشن گروپ جي آفيسرن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا. ان موقعي تي وفاقي وزير آفيسرن کي تربيت مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ عوامي بيانيي جي جوڙجڪ ۽ قومي ادارن کي مضبوط بڻائڻ ۾ پروفيشنل ڪميونيڪيٽرز جي …

اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ منعقد اسپيشلائيزڊ ٽريننگ پروگرام (ايس ٽي پي) جي 41هين پاسنگ آئوٽ تقريب دوران انفارميشن گروپ جي آفيسرن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا. ان موقعي تي وفاقي وزير آفيسرن کي تربيت مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ عوامي بيانيي جي جوڙجڪ ۽ قومي ادارن کي مضبوط بڻائڻ ۾ پروفيشنل ڪميونيڪيٽرز جي اهم ڪردار تي زور ڏنو. تقريب جي شروع ۾ ڊائريڪٽر جنرل انفارميشن سروسز اڪيڊمي عمرانه وزير آجياڻي وارو خطاب ڪندي چيو ته قومي ترقي جي لاءِ پيشيوراڻي تربيت بنيادي حيثيت رکي ٿي. هن چيو ته جديد ميڊيا رڳو هڪ ذريعو ئي نه پر موثر طرز حڪمراني ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي جي لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿي. هن چيو ته آفيسرن کي اطلاعاتي نظام جي موجوده گهرجن موجب اسٽريٽجڪ ڪميونيڪشن جي مهارتن سان ليس ڪرڻ جي لاءِ اهو تربيتي پروگرام جوڙيو ويو. هن چيو ته شرڪت ڪندڙن کي رياستي ميڊيا بابت عملي ۽ بهتر آگاهي جي لاءِ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي)، ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (ڊي اي ايم پي)، پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي)، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) ۽ سائبر ونگ سميت اهم قومي اطلاعاتي ادارن جو دورو ڪرايو ويو. هن وڌيڪ چيو ته آفيسرن کي ڊيجيٽل ميڊيا جي حڪمت عملي، غلط معلومات جو مقابلو ڪرڻ، ڪرائيسز ڪميونيڪشن ۽ ثبوت تي ٻڌل پيغام پهچائڻ جي ذريعي قومي بيانيي کي فروغ ڏيڻ جي تربيت پڻ ڏني وئي. ٽريننگ ڪوآرڊينيٽر رابعه حبيب تربيتي پروگرام جا مقصدن ۽ تدريسي رخن تي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ استادن خاص طور تي اسسٽنٽ پروفيسر جنيد غوري جي خدمتن کي ساراهيو. تقريب دوران جن آفيسرن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا ويا انهن ۾ سيده حفصه اعجاز، سعيده شڪيل اعواڻ، يمنه رحمان مجتبيٰ، مينا عالم، نور مهد شيخ، شاهه فيصل، محمد ڪامران، پاڪيزه صديق، محمد ابراهيم، ذوالفقار علي ۽ جنيد احمد شامل هئا.