سامونڊي گدلاڻ معيشت ۽ صحت لاءِ سنگين خطرو آهي: وفاقي وزير چوڌري انوار چوڌري

اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته سامونڊي گدلاڻ معيشت ۽ صحت لاءِ سنگين خطرو آهي، سامونڊي گدلاڻ خلاف موثر عوامي مهم هلائڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري جي صدارت ۾ سامونڊي گدلاڻ ڪنٽرول بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سامونڊي گدلاڻ روڪڻ لاءِ اهم قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس دوران ڳالهائيندي وفاقي وزير …

اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته سامونڊي گدلاڻ معيشت ۽ صحت لاءِ سنگين خطرو آهي، سامونڊي گدلاڻ خلاف موثر عوامي مهم هلائڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري جي صدارت ۾ سامونڊي گدلاڻ ڪنٽرول بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سامونڊي گدلاڻ روڪڻ لاءِ اهم قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس دوران ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته حڪومت سامونڊي ماحول جي تحفظ ۽ پائيدار ترقي لاءِ پرعزم آهي. سامونڊي گدلاڻ معيشت ۽ صحت لاءِ سنگين خطرو آهي، سامونڊي گدلاڻ جي نتيجي ۾ مڇي، سياحت ۽ شپنگ واريون صنعتون متاثر ٿي رهيون آهن جنهن سبب ماهيگير برداري جي روزگار کي پڻ خطرو آهي جنهن جي ڪري سامونڊي گدلاڻ خلاف اثرائتي عوامي مهم هلائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪچري کي روڪڻ لاءِ نالين تي ڄاريون لڳائڻ ۽ دريائن جي چوڌاري ڪنڊيدار دارو لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي، منهوڙو، بابا ڀٽ ٻيٽ ۾ نئين سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽس جي جلد تعمير جي ضرورت آهي، اجلاس دوران انڪشاف ٿيو ته ڪراچي روزاني 472 ملين گلين گندو پاڻي پيدا ڪري ٿو.