برسلز-17 جولاءِ (اي پي پي) برسلز ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ سياسي ڳالهين تي ٻڌل 10 هون اجلاس منعقد ٿيو، ڳالهين ۾ ٻطرفن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين اسٽريٽجڪ انيگيجمينٽ پلان (ايس اي پي) تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. برسلز ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري ڪيل بيان موجب پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي سيڪريٽري آمنه …
برسلز ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ سياسي ڳالهين تي ٻڌل 10 هون اجلاس منعقد

مزید خبریں
برسلز-17 جولاءِ (اي پي پي) برسلز ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ سياسي ڳالهين تي ٻڌل 10 هون اجلاس منعقد ٿيو، ڳالهين ۾ ٻطرفن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين اسٽريٽجڪ انيگيجمينٽ پلان (ايس اي پي) تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. برسلز ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري ڪيل بيان موجب پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ جڏهن ته يورپي وفد جي قيادت ڊپٽي سيڪريٽري جنرل يورپين ايڪسٽرنل ايڪشن سروس اولوف سڪوگ ڪئي. ڳالهين ۾ ٻطرفن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان ۽ يورپي يونين اسٽريٽجڪ انيگيجمينٽ پلان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. پاڪستاني وفد پاران ڪشمير جي صورتحال ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. ڌرين تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري تي زور ڀريو. پاڪستان ۽ يورپي يونين پاران فوري جنگ بندي ۽ فلسطين ۾ ڊگهي ۽ منصفاڻي امن جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ويو. ڌرين ستين پاڪ – يورپي يونين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جلد منعقد ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.











