راولپنڊي-17 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ فضائيه جو جٿو جنهن ۾ جديد ترين JF-17 ٿنڊر بلاڪ III ويڙهاڪ جهاز ۽ C-130 هرڪوليس ٽرانسپورٽ جهاز شامل آهن، رائل انٽرنيشنل ايئر ٽيٽو 2025ع ۾ شرڪت لاءِ رائل ايئر فورس بيس فيئر فورڊ برطانيه پهچي ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب دنيا جي سڀ کان وڏي ملٽري ايئر شوز مان هڪ رائل انٽرنيشنل ايئر ٽيٽو ۾ پي اي ايف جي شرڪت پاڪستان …
پاڪ فضائيه جو جٿو رائل انٽرنيشنل ايئر ٽيٽو 2025ع ۾ شرڪت لاءِ برطانيه پهچي ويو

مزید خبریں
راولپنڊي-17 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ فضائيه جو جٿو جنهن ۾ جديد ترين JF-17 ٿنڊر بلاڪ III ويڙهاڪ جهاز ۽ C-130 هرڪوليس ٽرانسپورٽ جهاز شامل آهن، رائل انٽرنيشنل ايئر ٽيٽو 2025ع ۾ شرڪت لاءِ رائل ايئر فورس بيس فيئر فورڊ برطانيه پهچي ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب دنيا جي سڀ کان وڏي ملٽري ايئر شوز مان هڪ رائل انٽرنيشنل ايئر ٽيٽو ۾ پي اي ايف جي شرڪت پاڪستان ايئر فورس جي پيشيور مهارتن، آپريشنل صلاحيتن ۽ ان جي هوا بازي جي صلاحيت ۽ ان جي هوا بازي جي صنعت جي مقامي طاقت ڏيکارڻ جي عزم کي واضح ڪري ٿي. ان عالمي مقرري جي آپريشنل اهميت ۾ اضافو ڪندي پاڪستان ايئر فورس جي JF-17 ٿنڊر بلاڪ III جي ويڙهاڪ جهازن پي ايف اي آءِ ايل -78 جي مدد سان برطانيه جي رستي ايئر ٽو ايئر ري فيولنگ آپريشنز کي سرانجام ڏنو. ري فيولنگ جي پيچيده آپريشن پي اي ايف جي ڊگهي فاصلي تائين آپريشنل صلاحيتن ۽ ان جي فضائي ۽ زميني عملي جي قومي سرحدن کان ٻاهر توسيع آپريشن ۾ مهارت جو مظاهرو ڪيو. JF-17بلاڪ III هڪ EASA ريڊار ۽ لانگ رينج BVR سان ليس 4.5 جنريشن جو ملٽي رول ويڙهاڪ جهاز آهي جيڪو موجوده دور جي چئلينجن کي منهن ڏيندي فضائي طاقت جي استعمال کي سگهه ڏيڻ لاءِ مختلف قسم جون جنگي مشن انجام ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو جنهن سان قومي سلامتي مضبوط ٿي آهي. تازو ئي پاڪ – ڀارت تڪرار کانپوءِ برطانيه ۾ جوش ۽ خروش جو هڪ واضح احساس آهي ڇاڪاڻ ته هوابازي جا شوقين ۽ دفاعي مبصر پاڪستان ايئر فورس جي JF-17 ٿنڊر بلاڪ III جي آمد جو بيتابي سان انتطار ڪري رهيا هئا. پاڪستان جي هوائي جهاز جي جنگي صلاحيتن ۽ آپريشنل مهارتن عالمي سطح تي دنيا جو ڌيان نمايان طور ڇڪايو آهي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان ايئر فورس جي تخليقي صلاحيتن ۽ آپريشنل ورثي جي عڪاسي ڪندي هي شاندار آرٽ ورڪ ڌيان جو مرڪز بڻجندو. رائل انٽرنيشنل ايئر ٽيٽو 2025ع ۾ پي اي ايف جي جديد ويڙهاڪ جهازن ۽ سي 130 هرڪوليس جي شرڪت جو مقصد گڏيل افهام و تفهيم کي هٿي ڏيڻ، هوابازي جي تجربن جي حصيداري ۽ عالمي امن ۽ سلامتي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ واري جديد، ٽيڪنيڪل طور ترقي يافته فضائيه طور پي اي ايف جي تشخص کي اجاگر ڪرڻ آهي.











