وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان سان پاڪستان جي ناليواري ڪرڪيٽر محمد يوسف جي ملاقات

اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان سان پاڪستان جي ناليواري ڪرڪيٽر محمد يوسف ملاقات ڪئي. جاري ڪيل بيان موجب ان موقعي تي راڻا مشهود احمد خان چيو ته وزيراعظم جو ويزن آهي ته نوجوان پاڪستان جو طاقت بڻجن ۽ نوجوانن کي راندين ذريعي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو پيو وڃي. ناليواري رانديگر محمد يوسف چيو ته پاڪستان جو هر نوجوان …

اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان سان پاڪستان جي ناليواري ڪرڪيٽر محمد يوسف ملاقات ڪئي. جاري ڪيل بيان موجب ان موقعي تي راڻا مشهود احمد خان چيو ته وزيراعظم جو ويزن آهي ته نوجوان پاڪستان جو طاقت بڻجن ۽ نوجوانن کي راندين ذريعي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو پيو وڃي. ناليواري رانديگر محمد يوسف چيو ته پاڪستان جو هر نوجوان باصلاحيت آهي، صرف موقعن جي ضرورت آهي، هن چيو ته نوجوانن لاءِ راند جا موقعا وقت جي اهم ضرورت آهن. نوجوان رانديگرن جي رهنمائي منهنجي پهرين ترجيح آهي، نوجوانن جي اعتماد ۽ صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.