اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ سالن ۾ چوماسي ۽ ڪلائوڊ برسٽ سبب پيدا ٿيندڙ ڪنهن به امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳواٽ قدمن جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ان ڏس ۾ وفاقي حڪومت هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، اين ڊي ايم اي صوبن سان گڏجي ان سلسلي ۾ ٺوس منصوبابندي ڪري، منصوبابندي واري وزارت ۽ موسمياتي تبديلي واري …
وزيراعظم پاران ايندڙ سالن ۾ چوماسي ۽ ڪلائوڊ برسٽ سبب پيدا ٿيندڙ ڪنهن به امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳواٽ قدمن جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ سالن ۾ چوماسي ۽ ڪلائوڊ برسٽ سبب پيدا ٿيندڙ ڪنهن به امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳواٽ قدمن جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ان ڏس ۾ وفاقي حڪومت هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، اين ڊي ايم اي صوبن سان گڏجي ان سلسلي ۾ ٺوس منصوبابندي ڪري، منصوبابندي واري وزارت ۽ موسمياتي تبديلي واري وزارت ان سلسلي ۾ تعاون فراهم ڪن، موجوده چوماسي دوران صوبا تياري سان صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن جنهن سان جاني نقصان گهٽ ٿيو آهي جڏهن ته جيڪو جاني نقصان ٿيو ان تي افسوس جو اظهار ڪريون ٿا. وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر اسلام آباد جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي تازي چوماسي برساتن ۽ ٻوڏ صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڪجهه هفتن دوران اين ڊي ايم اي جو منهنجو هي ٻيو دورو آهي، اين ڊي ايم اي ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ قابل انساني وسيلا ڏسي خوشي ٿئي ٿي. وزيراعظم چيو ته تازن ڏينهن ۾ ڪلائوڊ برسٽ ٿيا جنهن سان غيرمعمولي صورتحال درپيش آهي، چڪوال، لاهور، راولپنڊي ۽ ٻين شهرن ۾ شديد برسات پئي، الله جو شڪر آهي ته ڏکڻ پنجاب سميت ٻين علائقن ۾ برسات جو زور نه آهي. هن چيو ته اين ڊي ايم اي جي پي ڊي ايم ايز سان ڪوآرڊينيشن خوش آئنده آهي، پنجاب حڪومت وزيراعليٰ مريم نواز جي قيادت ۾ ۽ بين صوبائي حڪومتن چوماسي جي غيرمعمولي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سٺا انتظام ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ نقصان گهٽ ٿيا جڏهن ته جيڪو جاني نقصان ٿيو، انهن جي لاءِ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. هن چيو ته جهڙي طرح بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايندڙ سالن ۾ ڪلائوڊ برسٽ ۾ وڌيڪ شدت ايندي ته ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هينئر کان ئي تياري ڪرڻ گهرجي، وفاقي حڪومت ۽ اين ڊي ايم اي کي صوبن جي وچ ۾ ويجهي ڪوآرڊينيشن هجڻ گهرجي، ان جي لاءِ اين ڊي ايم اي کي جيڪو وڌيڪ سامان گهرجي اهو مهيا ڪنداسين، صوبا به پنهنجي طور تي انساني وسيلن، ٽيڪنالاجي، ريسڪيو ۽ ريليف جي لاءِ ان ۾ سيڙپڪاري ڪندا. وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ منصوبابندي ۽ ترقي واري وزارت کي اين ڊي ايم اي ۽ صوبن سان گڏجي ايندڙ سال جي ڀرپور تياري ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جنهن جو گئسن ۾ اخراج سان ڪو واسطو نه آهي، ان جي باوجود اسان دنيا جي انهن متاثر ٽاپ ٽين ملڪن جي ريڊٽ لسٽ ۾ شامل آهيون. وزيراعظم چيو ته هي الله تعاليٰ پاران اسان جي لاءِ هڪ موقعو به آهي ته اسان ريزيليئنٽ قوم بڻجون، زرعي ۽ ٻين شعبن جو انفراسٽرڪچر وڌايون. وزيراعظم چيو ته اين ڊي ايم اي ۽ صوبن جي وچ ۾ بهترين ڪم جي لاءِ تعاون جاري آهي. وزيراعظم چيو ته هن سال جي تجربي جو جائزو وٺي صوبن سان ايندڙ سال جي لاءِ تياري ڪئي وڃي، منصوبابندي واري وزارت ۽ موسمياتي تبديلي واري وزارت جا وزير لاڳاپيل ادارن سان گڏجي ويهي ان حوالي سان ٺوس منصوبو جوڙين ته جيئن جهڙي طرح اها اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي ته اڳتي ان جي شدت وڌندي، اسان کي ان صورتحال ۾ گهٽ کان گهٽ نقصانن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڳواٽ قدم کڻڻا پوندا. هن ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير جي ڪردار کي ڪارائتو قرار ڏيندي سندس ٿورا مڃيا، کيس هدايت ڪئي ته ان کي وڌيڪ وڌايو وڃي ۽ آگاهي مهم سان وقت سر ان جي حساسيت کان عوام کي آگاهه ڪرڻ آهي، ان جي لاءِ سوشل، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ جو شعبو بهترين ڪم ڪري رهيو آهي، ان کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻو پوندو. ان کان اڳ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هن سال چوماسي جي مجموعي شدت گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 60 کان 70 سيڪڙو وڌيڪ آهي، هن سال معمول کان ٻه کان ٽي اسپيل جو اضافو ٿيو آهي، هيستائين 178 انساني جانين جو نقصان ٿيو آهي جڏهن ته 500 زخمي آهن، هن ڀيري پنجاب جي هيٺئين علائقن، پنجاب ۽ اسلام آباد جي ڀرپاسي وارن علائقن ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ان جي شدت وڌيڪ آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته روزاني جي بنياد تي ڊيٽا صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز سان شيئر ڪئي پئي وڃي، آرمي، ريسڪيو 1122، چيف سيڪريٽريز جون آفيسون، ايريگيشن واٽر اينڊ پاور سان لاڳاپيل عملدار آن بورڊ آهن، ايندڙ 7 ڏينهن ۾ پنجاب، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ خيبرپختونخواهه جا اتريان علائقا وڌيڪ متاثر ٿيندا. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هيستائين چوماسي جا ٽي اسپيل اچي چڪا آهن جڏهن ته 21 کان 28 جولاءِ تائين چوٿون، آگسٽ جي پهرين هفتي پنجون، ٻئي هفتي ڇهون ۽ ٽئين هفتي ستون اسپيل متوقع آهي. هن ٻڌايو ته هيـٺانهين وارن علائقن ۾ هن وقت پاڻي بيٺل آهي ۽ هر ممڪن مدد جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي. هن ٻڌايو ته اڄ رات راولپنڊي، اسلام آباد ۾ شديد برسات متوقع آهي.











