پاڪستان ۽ برطانيا ۾ هٿيارن جي ڪنٽرول، عدم ڦهلاءُ ۽ هٿيارن جي خاتمي تي ڳالهه ٻولهه جو ستون دور

اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ هٿيارن جي ڪنٽرول، عدم ڦهلاءُ ۽ هٿيارن جي خاتمي تي ڳالهه ٻولهه جو ستون دور 16 جولاءِ 2025ع تي لنڊن ۾ ٿيو. ٻنهي ڌرين گڏيل تفهيم ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ باوقار مڪالمي جي اهميت کي تسليم ڪيو. ايندڙ ڳالهه ٻولهه جو دور اسلام آباد ۾ منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس …

اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ هٿيارن جي ڪنٽرول، عدم ڦهلاءُ ۽ هٿيارن جي خاتمي تي ڳالهه ٻولهه جو ستون دور 16 جولاءِ 2025ع تي لنڊن ۾ ٿيو. ٻنهي ڌرين گڏيل تفهيم ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ باوقار مڪالمي جي اهميت کي تسليم ڪيو. ايندڙ ڳالهه ٻولهه جو دور اسلام آباد ۾ منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزارت اسلام آباد ۾ هٿيارن جي ڪنٽرول، هٿيارن جي خاتمي ۽ عالمي سلامتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري سفير طاهر اندرابي ۽ برطانوي پرڏيهي وزارت (ايف سي ڊي او) جي ڊفينس ۽ عالمي سلامتي جي ڊائريڪٽر سفير اسٽيفن للي سي ايم جي پنهنجي پنهنجي وفدن جي قيادت ڪئي. ٻنهي ڌرين عالمي ۽ علائقائي سلامتي، اسٽريٽجڪ استحڪام، هٿيارن جي ڪنٽرول، هٿيارن جي خاتمي ۽ عدم ڦهلاءُ جهڙن ڪيترن ئي اهم مسئلن تي جامع خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کانسواءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي (فرسٽ ڪميٽي)، هٿيارن جي خاتمي بابت ڪانفرنس (سي ڊي)، عالمي معاهدن (جهڙوڪ بي ٽي ڊبليو سي، سي ڊبليو سي ۽ سي سي ڊبليو)، ملٽي ليٽرل ايڪسپورٽ ڪنٽرول نظام ۽ نئين ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي استعمال ۽ اثرن تي پڻ غور ڪيو ويو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن پرامن مقصدن جي لاءِ ائٽمي ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ برطانيا جي ٻطرفي تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. 2015ع کان شروع ٿيندڙ ان ڳالهه ٻولهه ۾ هٿيارن جي ڪنٽرول، عدم ڦهلاءُ ۽ هٿيارن جي خاتمي جي حوالي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وسيع تر ٻطرفي تعاون جو هڪ اهم حصو رهي آهي. ٻنهي ڌرين گڏيل تفهيم ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ باقاعده مڪالمي جي اهميت کي تسليم ڪيو. ان ڏس ۾ هن ايندڙ سال اسلام آباد ۾ مشاورت جو ايندڙ دور منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.