پي اي سي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس، روينيو ڊويزن جي ايف بي آر سان لاڳاپيل آڊٽ رپورٽ جو جائزو ورتو ويو

اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي)پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي(پي اي سي) جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ڪميٽي جي ڪنوينر سيد نويد قمر جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سميت لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ روينيو ڊويزن جي ايف بي آر سان لاڳاپيل آڊٽ رپورٽ جو جائزو ورتو ويو. آڊٽ عملدارن ٻڌايو ته ايف بي آر 18 ارب کان وڌيڪ سيلز ٽيڪس …

اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي)پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي(پي اي سي) جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ڪميٽي جي ڪنوينر سيد نويد قمر جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سميت لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ روينيو ڊويزن جي ايف بي آر سان لاڳاپيل آڊٽ رپورٽ جو جائزو ورتو ويو. آڊٽ عملدارن ٻڌايو ته ايف بي آر 18 ارب کان وڌيڪ سيلز ٽيڪس جي وصولي ۾ ناڪام رهيو. سيد نويد قمر چيو ته رڪوري نه ٿيڻ ۾ ايف بي آر جا پنهنجا ماڻهو به ملوث آهن. ايف بي آر چيئرمين چيو ته ان معاملي کي ڪرمنل طريقي سان حل ڪري سگهجي ٿو. ايف بي آر عملدارن چيو ته جيڪو ماڻهو ڪاروبار ڪندو ئي ناهي رڳو جعلي رسيدون ٺاهي فراڊ ڪندو آهي ان کان ريڪوري ڪيئن ٿيندي. سيد نويد قمر چيو ته ڊپارٽمينٽل اڪائونتس ڪميٽي ( ڊي اي سي) ۾ اهو مسئلو ٿيڻ گهرجي ها پر انهن معاملن کي منطقي انجام تائين نه پهچايو ويو ته اها صورتحال جاري رهندي. هاڻي به ايف بي آر پارليامينٽ کان وڌيڪ پاور وٺي ڇڏيو آهي. ايف بي آر جي چيئرمين چيو ته 100 سيڪڙو ته اهو ختم نٿو ٿي سگهي پر گهٽ ضرور ٿي ويندو، سيلز ٽيڪس جا رجسٽرڊ ڪاروبار سئو سيڪڙو اصل ڪاروباري ادارا ناهن هوندا. پوسٽ آڊٽ جي نظام ۽ سسٽم تي چيڪس لڳائي بهتري آڻي سگهجي ٿي جيڪو به فراڊ ڪري ٿو ته ان کي ڪرمنل سائڊ تي ڏسڻ جي ضرورت آهي. منزه حسن چيو ته جيڪڏهن ايف بي آر جا 16 ماڻهو ان معاملي ۾ ملوث هئا ته انهن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي. پي اي سي ان معاملي کي ٻيهر ايف بي آر کي موڪليندي هدايت ڪئي ته ڊي اي سي ۾ آڊٽ سان گڏجي ان معاملي کي اڪلايو وڃي، پوءِ به جيڪي ريڪوريون رهجي وڃن انهن کي پي اي سي ڏسي وٺندي. هڪ ٻي آڊٽ اعتراض جو جائزو وٺندي سيد نويد قمر چيو ته ڊي اي سي جي هر اجلاس ۾ ايف بي آر چيئرمين کي پاڻ موجود هجڻ گهرجي.