اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) مالي سال 25-2024ع دوران پاڪستان کي اقتصادي ۽ مالياتي محاذ تي شديد دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پيو، جن ۾ مهانگائي، ڪرنسي دٻاءُ، آءِ ايم ايف پروگرام جي شرطن ۽ بجيٽ خساري جهڙا چئلينجز شامل هئا. ان مشڪل صورتحال جي باوجود وفاقي حڪومت ترقياتي خرچن جي ميدان ۾ رڪارڊ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. وفاقي حڪومت مالي سال 25-2024ع دوران 1046 ارب روپين جا ترقياتي خرچ …
گذريل مالي سال دوران پاڪستان کي اقتصادي ۽ مالياتي محاذ تي شديد دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پيو، بجيٽ خساري جهڙا چئلينجز شامل هئا

مزید خبریں
اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) مالي سال 25-2024ع دوران پاڪستان کي اقتصادي ۽ مالياتي محاذ تي شديد دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پيو، جن ۾ مهانگائي، ڪرنسي دٻاءُ، آءِ ايم ايف پروگرام جي شرطن ۽ بجيٽ خساري جهڙا چئلينجز شامل هئا. ان مشڪل صورتحال جي باوجود وفاقي حڪومت ترقياتي خرچن جي ميدان ۾ رڪارڊ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. وفاقي حڪومت مالي سال 25-2024ع دوران 1046 ارب روپين جا ترقياتي خرچ ڪيا. هي ملڪي تاريخ ۾ هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ ترقياتي بجيٽ جو موثر استعمال آهي، اها رقم مختلف شعبن جي سوين منصوبن تي خرچ ڪئي وئي، جن ۾ بنيادي ڍانچي، توانائي، صحت، تعليم ۽ پاڻي جا منصوبا شامل آهن. بجيٽ جي استعمال جي شرح ترقياتي بجيٽ جو 96 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو خرچ ڪيو ويو، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ استعمال ٿيل بجيٽ جي شرح ۾ 11 سيڪڙو اضافو ٿيو، منصوبابندي واري وزارت پي ايس ڊي پي جي سخت مانيٽرنگ ڪئي، جنهن سان غير ضروري خرچ روڪيا ويا ۽ فنڊز جو موثر استعمال يقيني بڻايو ويو. انهن منصوبن سان 9986 سنڌي ريت جڏهن ته 47174 اڻ سڌي ريت روزگار جا موقعا پيدا ٿيڻ جي اميد آهي، اهم شعبن ۾ بنيادي ڍانچي 410 موٽر ويز، پل ۽ ريجنل ڪنيڪٽيوٽي، توانائي 170 بجلي جي پهچ واري نظام جي بهتري، ننڍا ڊيم، تعليم 85 يونيورسٽي ڪيمپسز، اسڪالرشپ پروگرامز، صحت 75 اسپتالن جي اپ گريڊيشن، موبائيل هيلٿ يونٽس، پاڻي 95 ننڍا ڊيم، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جون اسڪيمون، بلوچستان، گلگت بلتستان، قبائلي ضلعا 130 ترقياتي پئڪيجز، روڊ، صحت ۽ تعليم جا منصوبا شامل آهن.رٿابندي واري وزير احسن اقبال چيو ته هي هڪ تاريخي لمحو آهي ته مالي چئلينجن باوجود اسان ترقياتي بجيٽ جو 96 سيڪڙو استعمال يقيني بڻايو. ان جو سهرو رٿابندي واري وزارت جي ٽيم ڏانهن وڃي ٿو جنهن شفافيت، رفتار ۽ موثر نگراني تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو، هن چيو ته هي ڪارڪردگي نه رڳو موجوده حڪومت جي ويزن جي عڪاس آهي پر عالمي مالياتي ادارن جي اعتماد جي بحالي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندي. منصوبن جي ڊجيٽل مانيٽرنگ لاءِ وزارت ڊولپمينٽ ڊيش بورڊ کي فعال ڪيو. هر منصوبي جي ماهوار ۽ ٽه ماهي رپورٽنگ لازمي قرار ڏني وئي. غير فعال ۽ دير جو شڪار منصوبن کي ريڊلسٽ ۾ شامل ڪري فوري فيصلا ڪيا ويا، مستقبل لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت وڏا انفرااسٽرڪچر منصوبا شروع ڪرڻ، ڪلائيميٽ ريزيلينس ۽ گرين اڪانومي منصوبن ۾ سيڙپڪاري، ڊسٽرڪٽ ليول تي مائيڪرو ڊولپمينٽ اسڪيمز، صوبائي ڪوآرڊينيشن وڌائڻ ته جيئن فنڊ ضايع نه ٿين، پي ايس ڊي پي پلس تحت نجي سيڙپڪاري لاءِ راهون هموار ڪرڻ شامل آهن. وفاقي حڪومت 25-2024ع ۾ ترقياتي خرچن جي حوالي سان جيڪو رڪارڊ قائم ڪيو اهو هڪ مضبوط، متحرڪ ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي ٻڌل طرز حڪمراني جي نشاني آهي، هي نه رڳو موجوده حڪومت جي ڪاميابي آهي پر عوام جي اعتماد جي بحالي جو به ذريعو بڻجندو. وفاقي حڪومت ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان ايندڙ سالن ۾ اڏام پاڪستان فريم ورڪ تحت روانگي واپار تي ٻڌل، جامع ۽ پائيدار ترقي جي سفر کي برقرار رکندو، جنهن جو مقصد عوامي ڀلائي، معاشي خوشحالي ۽ عالمي چٽاڀيٽي کي هٿي ڏيڻ آهي.











