ملڪ جي مختلف علائقن ۾ شديد برساتن سبب شهرن ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۽ ندين ۽ نالن ۾ چاڙهه جو خدشو

اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ شديد برساتن سبب مختلف شهرن ۾ ٻوڏ واري صورتحال جڏهن ته ندين ۽ نالن ۾ چاڙهه جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. اين ڊي ايم اي سمورن لاڳاپيل ادارن کي ڪنهن به امڪاني هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ قدمن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اين ڊي ايم اي طرفان جاري تفصيل موجب پنجاب جي ضلعن …

اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ شديد برساتن سبب مختلف شهرن ۾ ٻوڏ واري صورتحال جڏهن ته ندين ۽ نالن ۾ چاڙهه جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. اين ڊي ايم اي سمورن لاڳاپيل ادارن کي ڪنهن به امڪاني هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ قدمن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اين ڊي ايم اي طرفان جاري تفصيل موجب پنجاب جي ضلعن سميت لاهور، چڪوال، اٽڪ، جهلم، خوشاب، سرگوڌا، گجرات، گجرانوالا، فيصل آباد، سيالڪوٽ، نارووال، اوڪاڙه، قصور، شيخوپوره ۽ حافظ آباد ۾ ايندڙ 12 ڪلاڪن ۾ مٽي جي طوفان سميت شديد برسات جو امڪان آهي، راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن تائين وقفي وقفي سان تيز برسات جاري رهڻ جڏهن ته تيز برسات سبب ناله لئي ۾ امڪاني چاڙهه ۽ هيٺائين وارن علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال جو امڪان آهي. ناله لئي جي ويجهي ۽ هيٺائين وارن علائقن جا رهواسي خطري جو سائره وڄڻ جي صورت ۾ فوري نڪرڻ جي تياري رکن ۽ لاڳاپيل ادارن سان تعاون ڪن. اين ڊي ايم اي ۽ لاڳاپيل ادارن طرفان وقت سر قدمن کي يقيني بڻايو پيو وڃي. امڪاني ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي هيٺائين وارن علائقن جا رهواسي قيمتي شين ۽ پالتو جانورن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ جو وقت کان اڳ بندوبست رکن. حساس علائقن جا رهواسي هنگامي صورتحال لاءِ 3 کان 5 ڏينهن جي خوراڪ، پاڻي ۽ دوائن تي ٻڌل ايمرجنسي ڪٽ تيار رکن. مقامي انتظاميه ۽ لاڳاپيل ادارا فوري پاڻي ڪڍڻ لاءِ ضروري مشينري ۽ پمپس تيار رکن.