اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ سمورن صوبن ۾ دانش اسڪولن جهڙن معياري تعليمي مرڪزن جي تعمير حڪومت جي اولين ترجيح آهي، عوامي ڀلائي جي ترقياتي منصوبن خاص طور تي صاف پاڻي، بجلي، مواصلات، تعليم جهڙن منصوبن ۾ شفافيت جي لاءِ ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن يقيني بڻائي وڃي، دير جي شڪار منصوبن جي جلد تڪميل جي …
دانش اسڪولن جهڙن معياري تعليمي مرڪزن جي تعمير حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ سمورن صوبن ۾ دانش اسڪولن جهڙن معياري تعليمي مرڪزن جي تعمير حڪومت جي اولين ترجيح آهي، عوامي ڀلائي جي ترقياتي منصوبن خاص طور تي صاف پاڻي، بجلي، مواصلات، تعليم جهڙن منصوبن ۾ شفافيت جي لاءِ ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن يقيني بڻائي وڃي، دير جي شڪار منصوبن جي جلد تڪميل جي لاءِ قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هلندڙ مالي سال جي ترقياتي منصوبن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ترقي ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر احسن اقبال، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي مڪمل ٿيل ترقياتي منصوبن ۽ هلندڙ مالي سال ۾ جاري منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پوري ملڪ ۾ مواصلات، آءِ ٽي، پاڻي ذخيري، بجلي، تعليمي مرڪزن، اسپتالن جهڙا ڪيترائي منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ نئين منصوبن تي ڪم تيزي سان جاري آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته مڪمل ۽ تڪميل جي ويجهو منصوبن ۾ اعليٰ معيار يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ڪرائي وڃي، سمورن منصوبن ۾ عوامي سهولت کي مرڪزي حيثيت ڏيندي معياري سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، دير جي شڪار منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ سمورن صوبن ۾ وفاق پاران دانش اسڪولن جهڙن معياري تعليمي مرڪزن جي تعمير حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، تعليمي مرڪز هلندڙ مالي سال جي ترقياتي منصوبن جو انتهائي اهم حصو آهن جنهن جو مقصد معاشي طور تي ڪمزور طبقي جي ٻارن کي عالمي معيار جي تعليم ۽ تربيت، هڪ جهڙا ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي. وزيراعظم چيو ته پاڻي ذخيرا ملڪي سالميت جو محور آهن ۽ ان جي لاءِ ڪيترائي منصوبا تعمير هيٺ آهن. هن چيو ته ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ ٽيڪنالاجي پارڪس جي تعمير سان پاڪستان خطي ۽ عالمي سطح تي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي لاءِ هڪ اهم معاشي مرڪز بڻجندو، اسپيشل اڪنامڪ زونز جي تعمير پاڪستان حڪومت جي ملڪي معيشت جي ويزن جو اهم عنصر آهي.











