وزيراعظم پاران ننڍي آبادگارن کي آسان شرطن تي قرض جي فراهمي جي حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ننڍي آبادگارن کي آسان شرطن تي قرض جي فراهمي جي حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته زرعي شعبي جي ترقي جي لاءِ ننڍي آبادگارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪي زرعي …

اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ننڍي آبادگارن کي آسان شرطن تي قرض جي فراهمي جي حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته زرعي شعبي جي ترقي جي لاءِ ننڍي آبادگارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪي زرعي ترقي جي لاءِ منصوبابندي ۽ ايگري فنانسنگ جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن احد خان چيما، راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جي صلاحڪار محمد علي ۽ مملڪتي وزيرن بلال اظهر ڪياني، عبدالرحمان ڪانجو، خاص معاون هارون اختر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، چيف ڪوآرڊينيٽر مشرف زيدي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم وچولي ۽ ننڍي پئماني جي زرعي سرگرمين جي لاءِ آسان شرطن تي قرض جي فراهمي جي حوالي سان حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته 12 ايڪڙ کان گهٽ زمين وارن آبادگارن کي جديد زرعي سهولتن جي فراهمي اولين ترجيح هجڻ گهرجي، پاڪستان جي ترقي زرعي شعبي ۽ آبادگارن جي پيداوار جي ويليو ايڊيشن سان مشروط آهي، زرعي شعبي جي ترقي جي لاءِ ننڍي آبادگارن کي سهولتن جي فراهمي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن آبادگارن کي جديد زرعي اوزارن، مصنوعي ذهانت ۽ معياري ٻج جي لاءِ آسان شرطن تي قرض جي فراهمي جي لاءِ حڪمت عملي پيش ڪرڻ، آبادگارن جي جنسن جي پراسيسنگ سان برآمدات جي قابل شين جي تياري جي لاءِ ننڍي پئماني جي صنعتي مشينري تائين پهچ جي حوالي سان پڻ جامع منصوبابندي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت آبادگارن کي جديد زرعي اوزارن، معياري ٻج جي فراهمي، مصنوعي ذهانت، پاڻي جي بهتر استعمال، آن فارم سمال انڊسٽري ۽ ٻين سهولتن جي لاءِ سڌارن جي عمل کي تيز ڪري رهي آهي، زرعي جنسن جي پراسيسنگ سان برآمدات ۾ اضافي جي لاءِ آبادگارن کي گهربل سهولتن ۽ تربيت جي لاءِ قدمن کي پڻ سڌارن ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. اجلاس کي زرعي شعبي جي جاري سڌارن سان گڏوگڏ زرعي ترقياتي بئنڪ لميٽيڊ جي ڪارڪردگي ۽ آبادگارن کي ڏني ويندڙ قرضن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هلندڙ مهيني جي پڄاڻي تائين آبادگارن کي آسان شرطن تي قرضن جي فراهمي ۽ ايگري فنانسنگ جي شعبي ۾ موجوده گهرجن سان هم آهنگ نظام متعارف ڪرائڻ جي لاءِ جامع منصوبابندي جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي.