اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي شهرين کي صاف پاڻي جي فراهمي، موجوده ذخيرن کي گندي پاڻي کان آلوده ٿيڻ کان روڪڻ، اسلام آباد کي مختلف ڊيمز مان پاڻي جي فراهمي ۽ واٽر سپلاءِ جو ٺوس نظام قائم ڪرڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙيندي هدايت ڪئي آهي ته سي ڊي اي برسات جي پاڻي سان زمين هيٺ ذخيري …
وزيراعظم جي صدارت ۾ اسلام آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ صاف پاڻي جي فراهمي جي نظام جي حوالي سان جائزه اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي شهرين کي صاف پاڻي جي فراهمي، موجوده ذخيرن کي گندي پاڻي کان آلوده ٿيڻ کان روڪڻ، اسلام آباد کي مختلف ڊيمز مان پاڻي جي فراهمي ۽ واٽر سپلاءِ جو ٺوس نظام قائم ڪرڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙيندي هدايت ڪئي آهي ته سي ڊي اي برسات جي پاڻي سان زمين هيٺ ذخيري کي ري چارج ڪرڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي پيش ڪري. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اسلام آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ صاف پاڻي جي فراهمي جي نظام جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن سيد محسن رضا نقوي، ميان محمد معين وٽو ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي شهرين کي صاف پاڻي جي فراهمي، موجوده ذخيرن کي سيوريج جي پاڻي کان آلوده ٿيڻ کان روڪڻ، اسلام آباد کي مختلف ڊيمز مان پاڻي جي فراهمي ۽ واٽر سپلاءِ جو ٺوس نظام قائم ڪرڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙي وئي. وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي ٽاسڪ فورس جي سربراهي ڪندو جڏهن ته سي ڊي اي، واپڊا، ايريگيشن ڊپارٽمينٽ پنجاب ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا ميمبر ٽاسڪ فورس ۾ شامل هوندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته برسات جي پاڻي سان زمين هيٺ پاڻي جي ذخيري کي ري چارج ڪرڻ جي لاءِ سي ڊي اي جامع حڪمت عملي پيش ڪري، راول ڊيم جي ڀرپاسي آبادين ۽ ڊيم ۾ ويندڙ نالن تي ڪچيءَ آبادين مان نڪرندڙ سيوريج سان ڊيم جي آلودگي جي خاتمي جي لاءِ نظام ٺاهيو وڃي، غيرقانوني ۽ ڪچي آبادين مان نڪرندڙ سيوريج جي لاءِ واٽر ٽريٽمينٽ جو نظام جلد قائم ڪيو وڃي. وزيراعظم تربيلا، خانپور ۽ ٻين ڊيمز مان اسلام آباد جي لاءِ متفقه طور تي منظور ٿيل پاڻي کي گهرن تائين پهچائڻ جي لاءِ واٽر سپلاءِ جو نظام جلد قائم ڪرڻ ۽ اسلام آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي لاءِ واٽر بورڊ جي جوڙجڪ کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي اسلام آباد ۾ صاف پاڻي جي فراهمي جي لاءِ قائم ٽاسڪ فورس جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون وڃن. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته اسلام آباد کي راول، تربيلا ۽ خانپور ڊيم مان متفقه طور تي منظور ٿيل پاڻي جي فراهمي جي لاءِ سپلاءِ سسٽم قائم ڪيو پيو وڃي. اجلاس کي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪيترن ئي ڊيمز جي تعمير تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو ۽ انهن ڊيمز مان اسلام آباد کي پاڻي جي فراهمي جي لاءِ واٽر سپلاءِ جي نظام جون تجويزون ۽ حڪمت عملي پڻ پيش ڪئي وئي. وزيراعظم کي اجلاس ۾ تجويز ڪيل واٽر بورڊ قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ ان جي ذميوارين جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بورڊ پاڻي جي موجوده ۽ اڳتي جي ذخيرن جي انتظام، پاڻي جي گهرن تائين فراهمي جي طريقيڪار، پاڻي جي اسٽيڪ هولڊرز جي وچ ۾ ورڇ ۽ لاڳاپيل قدمن جو انتظام سنڀاليندو. اجلاس کي سي ڊي اي پاران اسلام آباد جي ڪچي آبادين مان پاڻي جي نيڪاسي جي ڪري پاڻي جي ذخيرن جي آلودگي روڪڻ جي حوالي سان قدمن تي پڻ جائزو پيش ڪيو ويو.











