نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 17 جولاءِ تي ڪابل جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو

اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڄ خميس ڏينهن 17 جولاءِ 2025ع تي ازبڪستان، افغانستان، پاڪستان (يو اي پي) ريلوي منصوبي جي گڏيل فزيبلٽي مطالعي جي فريم ورڪ معاهدي تي صحيحن جي لاءِ افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سان …

اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڄ خميس ڏينهن 17 جولاءِ 2025ع تي ازبڪستان، افغانستان، پاڪستان (يو اي پي) ريلوي منصوبي جي گڏيل فزيبلٽي مطالعي جي فريم ورڪ معاهدي تي صحيحن جي لاءِ افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سان گڏ اعليٰ سطحي وفد پڻ هوندو جنهن ۾ ريلوي، افغانستان جو خصوصي نمائندو/ وزيراعظم جو خاص معاون ۽ ريلوي وارو سيڪريٽري شامل آهن. يو اي پي ريلوي منصوبي جو مقصد ازبڪستان کي افغانستان جي رستي پاڪستان سان ريل جي ذريعي ڳنچڍڻ ۽ وچ ايشيائي ملڪن کي پاڪستاني بندرگاهن تائين پهچ ڏيڻ آهي. اهو منصوبو علائقائي واپار ۽ ٽرانزٽ کي آسان بڻائي خطي ۾ استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيندو. نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير جو اهو دورو پاڪستان جي ان منصوبي جي ڪامياب تڪميل جي لاءِ ڀرپور عزم جو عڪاس آهي. ڪابل ۾ ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل فزيبلٽي مطالعي جي فريم ورڪ معاهدي تي صحيحون ان جي عملي تڪميل طرف هڪ اهم قدم هوندو. دوري دوران نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪندو ۽ افغانستان جي وقتي وزيراعظم سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي.