اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان برطانيا جي فضائي سلامتي ڪميٽي جي فيصلي جي گرمجوشي سان آجيان ڪئي آهي جنهن تحت پاڪستاني هوائي ڪمپنين کي يو ڪي ايئر سيفٽي لسٽ تان هٽايو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ان فيصلي کانپوءِ 5 سالن جي وقفي کانپوءِ برطانيا جي لاءِ پاڪستاني واپاري اڏامون ٻيهر شروع ٿي سگهنديون. اهو هڪ اهم فيصلو آهي جيڪو …
پاڪستان پاران برطانيا جي فضائي سلامتي ڪميٽي جي فيصلي جي گرمجوشي سان آجيان

مزید خبریں
اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان برطانيا جي فضائي سلامتي ڪميٽي جي فيصلي جي گرمجوشي سان آجيان ڪئي آهي جنهن تحت پاڪستاني هوائي ڪمپنين کي يو ڪي ايئر سيفٽي لسٽ تان هٽايو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ان فيصلي کانپوءِ 5 سالن جي وقفي کانپوءِ برطانيا جي لاءِ پاڪستاني واپاري اڏامون ٻيهر شروع ٿي سگهنديون. اهو هڪ اهم فيصلو آهي جيڪو پاڪستان جي گذريل ڪيترن ئي سلان جي مسلسل سفارتي ۽ ٽڪنيڪي ڪوششن جي تصديق آهي. پاڪستان عالمي فضائي سلامتي جي اعليٰ ترين معيارن کي پورو ڪرڻ ۽ برقرار رکڻ جي پنهنجي عزم جو مظاهرو ڪيو آهي. پابندي جي خاتمي سان پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ رابطي جي بحالي ٿيندي، جيڪا برطانيا ۾ رهندڙ لکين پاڪستانين جي لاءِ سهولت فراهم ڪندي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي، ثقافتي ۽ عوامي لاڳاپن کي مضبوط بڻائيندي. برطانيا ۾ اتڪل 1.7 ملين پاڪستانين جي وڏي ڪميونٽي کي نظر ۾ رکندي سڌوسنئون اڏامن جي بحالي سان خاندانن، ڪاروبار، سياحت ۽ واپاري کي نمايان فائدو ٿيندو. پاڪستان برطانيا جا ٿورا ادا ڪري ٿو ته هن پاڪستان جي فضائي سلامتي جي معيارن تي پورو لهڻ جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ تشخيص جي عمل ۾ تعاون ڪيو.











