اسلام آباد - 17 جولاءِ (اي پي پي)گھرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي صدارت ۾ ڪابينا ڊويزن ۾ اھم اجلاس ٿيو جنھن ۾ ملڪ ۽ قوم جي حفاظت لاءِ بھادري ۽ جرئت جو مظاھرو ڪندڙن لاءِ سول ايوارڊز جي نامزدگي جو جائزو ورتو ويو. گھرو وزارت طرفان جاري بيان مطابق اجلاس ۾ مجموعي طور 71 ماڻھن لاءِ مختلف سول اعزازن جي منظوري ڏني وئي. گھرو وزير محسن نقوي …
وفاقي گھرو وزير جي صدارت ۾ اجلاس، ملڪ جي حفاظت جي حوالي سان بھادري جو مظاھرو ڪندڙن لاءِ سول ايوارڊز جي نامزدگي جو جائزو ورتو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي)گھرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي صدارت ۾ ڪابينا ڊويزن ۾ اھم اجلاس ٿيو جنھن ۾ ملڪ ۽ قوم جي حفاظت لاءِ بھادري ۽ جرئت جو مظاھرو ڪندڙن لاءِ سول ايوارڊز جي نامزدگي جو جائزو ورتو ويو. گھرو وزارت طرفان جاري بيان مطابق اجلاس ۾ مجموعي طور 71 ماڻھن لاءِ مختلف سول اعزازن جي منظوري ڏني وئي. گھرو وزير محسن نقوي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۽ قوم جي حفاظت خاطر پنھنجون حياتيون ڏيڻ وارن ۽ غير معمولي بھادري جو مظاھرو ڪرڻ وارن کي ھمٿائڻ انتھائي ضروري آھي. محسن نقوي چيو ته انھن ماڻھن پنھنجي حياتين جي پرواھه نه ڪندي ملڪ جون شاندار خدمت ڪئي، قوم انھن بھادر سپوتن جي ھميشه ٿورائتي رھندي. گھرو وزير چيو ته وطن جا شھيد اسان جي مٿي جا تاج آھن، انھن جي لازوال قربانين کي ھميشه ياد رکيو ويندو. ھن چيو ته غازي قوم جا ھيروز آھن ۽ سندن جرئت تي سڀني کي فخر آھي. محسن نقوي چيو ته شھيدن ۽ غازين جي قربانين کي ڪڏھن به وساريو نه ويندو. اجلاس ۾ اسپيشل گھرو سيڪريٽري، ايڊيشنل گھرو سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن، ڊپٽي ڊي جي آءِ بي ۽ اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي جڏھن ته سمورن صوبن ۽ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽرين ۽ گھرو سيڪريٽرين زوم ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.











