اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، قلات ويجهو مسافر ڪوچ تي فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جي فائرنگ ۽ حملي جي مذمت ڪندي واقعي ۾ 3 مسافرن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان مطابق گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، شهيد مسافرن جي پوئينرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمي …
گهرو وزير محسن نقوي پاران قلات ويجهو مسافر ڪوچ تي فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جي فائرنگ ۽ حملي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، قلات ويجهو مسافر ڪوچ تي فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جي فائرنگ ۽ حملي جي مذمت ڪندي واقعي ۾ 3 مسافرن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان مطابق گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، شهيد مسافرن جي پوئينرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمي مسافرن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وفاقي وزير چيو ته فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جو بي گناهه ۽ معصوم مسافرن کي نشانو بڻائڻ انتهائي بزدلاڻو فعل آهي. محسن نقوي چيو ته فتنه الهندوستان جا دهشتگرد سافٽ ٽارگيٽ کي نشانو بڻائي امن کي نقصان پهچائڻ جي ناپاڪ سازش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته قوم جي حمايت سان ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي هر سازش کي ناڪام بڻائينداسين.











