اي اين ايف جو منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون، 6 جوابدار گرفتار

اسلام آباد-15 جولاءِ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس(اي اين ايف) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي 7 ڪروڙ 28 لک رپين کان وڌيڪ ماليت جي 186.280 ڪلو گرام منشيات هٿ ڪري 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. اي اين ايف ترجمان طرفان جاري بيان مطابق جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لاهور کان آسٽريليا موڪليل پارسل مان 4.3 ڪلو آئيس هٿ ڪئي، لاهور ۾ ڪوريئر آفس مان قازقستان موڪليل جوتن جي پارسل ۾ لڪايل 380 …

اسلام آباد-15 جولاءِ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس(اي اين ايف) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي 7 ڪروڙ 28 لک رپين کان وڌيڪ ماليت جي 186.280 ڪلو گرام منشيات هٿ ڪري 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. اي اين ايف ترجمان طرفان جاري بيان مطابق جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لاهور کان آسٽريليا موڪليل پارسل مان 4.3 ڪلو آئيس هٿ ڪئي، لاهور ۾ ڪوريئر آفس مان قازقستان موڪليل جوتن جي پارسل ۾ لڪايل 380 گرام آئيس هٿ ڪري ورتي. ترجمان مطابق اسلام آباد ۾ فيض آباد بس ٽرمينل ويجهو جوابدار جي قبضي مان 23 ڪلو آئيس ۽ هڪ ڪلو شڪي مواد، رنگ روڊ پشاور ويجهو 2 جوابدارن جي قبضي مان 19.2 ڪلو چرس، رنگ روڊ پشاور ويجهو موٽر سائيڪل سوار 2 جوابدارن جي قبضي مان 5 ڪلو هيروئن ۽ رنگ روڊ پشاور ويجهو هڪ ٻي ڪارروائي دوران جوابدار جي ٿيلهي مان 8.4 ڪلو چرس هٿ ڪري ورتي. هاڪس بي روڊ ڪراچي ۾ واقعي ڪمپني جي گودام ۾ 2 ڪنٽينرن ۾ موجود مشينري ۾ لڪايل 105 ڪلو آئيس ۽ 20 ڪلو هيروئن هٿ ڪري ورتي. اي اين ايف گرفتار جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي. 

مزید خبریں