نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي سان ملاقات

تيانجن – 15 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جي شهر تيانجن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جو جائزو ورتو ۽ ايران جي خلاف تازي اسرائيلي جارحيت کانپوءِ اڀرندڙ علائقائي صورتحال تي …

تيانجن – 15 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جي شهر تيانجن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جو جائزو ورتو ۽ ايران جي خلاف تازي اسرائيلي جارحيت کانپوءِ اڀرندڙ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب سينيٽر محمد اسحاق ڊار ان موقعي تي ايران جي عوام ۽ حڪومت سان پاڪستان جي اڻٿڪ يڪجهتي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ پائيدار امن جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي واحد قابل عمل رستو آهي.

مزید خبریں