اسلام آباد – 15 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انڊونيشيا سان اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۽ واپار، دفاع ۽ دفاعي پيداوار سميت سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ گڏيل ثقافت، مذهب ۽ تاريخي رشتن جي بنياد تي پراڻا دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن ۽ ٻئي ملڪ عالمي فورمز تي هڪ …
پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انڊونيشيا سان اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۽ واپار، دفاع ۽ دفاعي پيداوار سميت سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ گڏيل ثقافت، مذهب ۽ تاريخي رشتن جي بنياد تي پراڻا دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن ۽ ٻئي ملڪ عالمي فورمز تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪن ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن انڊونيشيا جي دفاع واري وزير ليفٽيننٽ جنرل (ر) سيافري سمسودين سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانٽو سان قاهره ۾ جي ايڊ سربراهي اجلاس جي موقعي تي پنهنجي خوشگوار ملاقات جي يادن جو ذڪر ڪندي ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ گهري تاريخي، ڀائراڻي ۽ دوستاڻي ٻطرفي لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ گڏيل ثقافت، مذهب ۽ تاريخي رشتن تي ٻڌل پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ عالمي فورمز تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪن ٿا. وزيراعظم پاڪستان جي انڊونيشيا سان اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۽ واپار، دفاع ۽ دفاعي پيداوار سميت سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن گهڻ رخي ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل طور تي ڪارائتي منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ انڊونيشيا سان تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ دفاعي تعاون جي معاهدي تحت جاري قدمن جو پڻ جائزو ورتو. ٻنهي اڳواڻن ان معاهدي جي لاڳو کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ليفٽيننٽ جنرل (ر) سيافري سمسودين انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانٽو پاران وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستان جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن انڊونيشيا جي پاڪستان سان دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ مختلف شعبن خاص طور تي دفاعي پيداوار ۾ تعاون جا وڌيڪ موقعا ڳولڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو.











