لنڊن-15 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان واپار لاءِ برطانوي وزيراعظم جي ايلچي محمد ياسين هائوس آف ڪامنز ۾ ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. ٻنهي اڳواڻن يو ڪي پاڪستان ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ ڊائلاگ جي شروعات کي سنگل ميل قرار ڏنو. ان موقعي تي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل ۽ واپار وارو سيڪريٽري جواد پال به موجود هئا. واپاري واري …
واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان برطانوي وزيراعظم جي نمائندي جي ملاقات

مزید خبریں
لنڊن-15 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان واپار لاءِ برطانوي وزيراعظم جي ايلچي محمد ياسين هائوس آف ڪامنز ۾ ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. ٻنهي اڳواڻن يو ڪي پاڪستان ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ ڊائلاگ جي شروعات کي سنگل ميل قرار ڏنو. ان موقعي تي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل ۽ واپار وارو سيڪريٽري جواد پال به موجود هئا. واپاري واري وزارت پاران گذريل ڏينهن جاري بيان موجب ڄام ڪمال خان، محمد ياسين کي مقرري تي مبارڪون ڏنيون ۽ جون 2025ع ۾ محمد ياسين طرفان پاڪستان جي ڪامياب دوري جي تعريف ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪ برطانيه معاشي سهڪار کي هٿي وٺائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ يو ڪي پاڪستان ٽريڊ انويسٽمينٽ ڊائلاگ جي شروعات کي سنگل ميل قرار ڏنو ويو. ڄام ڪمال خان چيو ته ڳالهيون مارڪيٽ تائين رسائي جي مسئلن جي حل ۾ مددگار ثابت ٿينديون. هن چيو ته ڊولپنگ ڪنٽريز ٽريڊنگ اسڪيم تحت ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۾ اضافو ٿيندو. ملاقات دوران برطانيه ۾ پاڪستاني برادري جي ڪردار کي به اهم قرار ڏنو ويو. واپار واري وزير يو ڪي پاڪستان بزنس ايڊوائيزري ڪائونسل جي قيام جي آجيان ڪئي. هن چيو ته برطانيه ۾ موجود واپاري برادري ۽ چيمبرز سان رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن واپار کي هٿي وٺرائي سگهجي. ڄام ڪمال خان چيو ته توانائي، آءِ سي ٽي، زراعت ۽ اعليٰ تعليم ۾ سهڪار جا وسيع موقعا موجود آهن. ڌرين سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپا مضبوط بڻائڻ تي به اتفاق ڪيو ۽ پاڪستان-برطانيه وچ ۾ پراڻي واپاري حصيداري جي عزم کي به ورجايو.











