تهران -15 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقويءَ ايران جي صدر مسعود پزشڪيان سان اهم ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن، پاڪ ايران لاڳاپن ۽ ٻه طرفه سهڪار تي ڳالهيون ڪيون. گهرو وزارت پاران جاري بيان مطابق گهرو وزير ايراني صدر مسعود پزشڪيان کي جنگ ۾ عظيم فتح تي مبارڪون ڏنيون. گهرو وزير چيو ته ايران جي سپريم ليڊر سميت پوري قوم جارحيت …
وفاقي گهرو وزير جي ايران جي صدر سان ملاقات، گڏيل دلچسپي جي معاملن، پاڪ ايران لاڳاپن ۽ ٻه طرفي سهڪار تي ڳالهيون

مزید خبریں
تهران -15 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقويءَ ايران جي صدر مسعود پزشڪيان سان اهم ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن، پاڪ ايران لاڳاپن ۽ ٻه طرفه سهڪار تي ڳالهيون ڪيون. گهرو وزارت پاران جاري بيان مطابق گهرو وزير ايراني صدر مسعود پزشڪيان کي جنگ ۾ عظيم فتح تي مبارڪون ڏنيون. گهرو وزير چيو ته ايران جي سپريم ليڊر سميت پوري قوم جارحيت جو ڄمي مقابلو ڪيو. محسن نقوي چيو ته ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي دانشمنداڻي قيادت ۽ اوهان جي بهترين حڪمت عملي جنگ ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو، جيڪو مسلمان امت لاءِ فخر جو سبب آهي. گهرو وزير چيو ته پاڪستان هر فورم تي ايران تي حملي جي ڀرپور مذمت ڪئي. محسن نقوي چيو ته پاڪستاني پارليامينٽ سڀ کان اڳ ايران تي جنگ مڙهڻ خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيو ۽ ايران جي پنهنجي دفاع جي جائز حق جي حمايت ڪئي. گهرو وزير، وزيراعظم شهباز شريف طرفان ايراني صدر مسعود پزشڪيان کي نيڪ خواهشن ۽ احترام جو پيغام به پهچايو. ايراني صدر مسعود پز شڪيان چيو ته اسان پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان جنگ دوران جهڙي ريت ساٿ ڏنو اهو ڪڏهن به نٿو وساري سگهجي. ايران جي صدر مسعود پز شڪيان چيو ته صيهوني حڪومت مسلمان ملڪن وچ ۾ ڏڦيڙ ۽ ڪمزوري پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اسلامي ملڪن وچ ۾ اتحاد ۽ هم آهنگي اڻٽر آهي. هن چيو ته مسلمان حڪومتون اسلامي اتحاد جي اهميت کي پوري طرح سمجهي وڃن ته هو صيهوني حڪومت خلاف هڪ گڏيل محاذ بڻجي سگهن ٿا. صدر مسعود پزشڪيان ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ موجوده ٻه طرفه لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ايران جي صدر ٻنهي ملڪن وچ جامع سهڪار کي وسيع ڪرڻ لاءِ سفارتي مٽاسٽا ۽ تعميري ڳالهين جي اهميت تي به زور ڀريو. ايران جي صدر اسرائيل پاران مڙهيل جنگ دوران پاڪستان جي مخلصاڻي حمايت تي ٿورو مڃيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وٽ سهڪار کي هٿي ڏيڻ جا ڪيترائي موقعا موجود آهن. ايران جو گهرو وزير سڪندر مومني، ايران جي صدر جو خصوصي معاون، پاڪستان ۾ ايران جو سفير، ايران ۾ پاڪستان جو سفير به ان موقعي تي موجود هئا.











