بيجنگ – 14 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ بيجنگ پهچي ويو. چين جي پرڏيهي وزارت جي ايشيائي معاملن واري اداري جي سفير يوهانگ ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل الرحمان هاشمي کانسواءِ چيني پرڏيهي وزارت جي اعليٰ آفيسرن هوائي اڏي تي سندس استقبال …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايس سي او جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ بيجنگ پهچي ويو

مزید خبریں
بيجنگ – 14 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ بيجنگ پهچي ويو. چين جي پرڏيهي وزارت جي ايشيائي معاملن واري اداري جي سفير يوهانگ ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل الرحمان هاشمي کانسواءِ چيني پرڏيهي وزارت جي اعليٰ آفيسرن هوائي اڏي تي سندس استقبال ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پنهنجي سرڪاري دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چين جي شهر تيانجن ۾ منعقد شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. ان کانسواءِ ٻين ايس سي او پرڏيهي وزيرن سان گڏ چين جي صدر سان ملاقات ڪندو ۽ ايس سي او ميمبر ملڪن جي پنهنجي هم منصبن سان ٻطرفي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندو.











