تهران ۾ پاڪستان، ايران ۽ عراق جي گهرو وزيرن جي ٽه ملڪي ڪانفرنس، زائرين جي سهولت لاءِ ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل ورڪنگ گروپ جوڙڻ تي اتفاق

تهران – 14 – جولائي (اي پي پي) ايران جي گادي واري شهر تهران ۾ پاڪستان، ايران ۽ عراق جي گهرو وزيرن جي ٽه ملڪي ڪانفرنس ۾ زائرين جي سهولت لاءِ ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل ورڪنگ گروپ جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ٽنهي ملڪن جي گهرو وزيرن جي وچ ۾ زائرين جي مسئلي تي انتهائي لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته اربعين ويندڙ زائرين کي …

تهران – 14 – جولائي (اي پي پي) ايران جي گادي واري شهر تهران ۾ پاڪستان، ايران ۽ عراق جي گهرو وزيرن جي ٽه ملڪي ڪانفرنس ۾ زائرين جي سهولت لاءِ ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل ورڪنگ گروپ جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ٽنهي ملڪن جي گهرو وزيرن جي وچ ۾ زائرين جي مسئلي تي انتهائي لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته اربعين ويندڙ زائرين کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي ويندي جنهنجي لاءِ ٽئي ملڪ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪندا.  ٽه ملڪي ڪانفرنس منعقد ٿيڻ کانپوءِ ٽنهي ملڪن جي گهرو وزيرن گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ٽه ملڪي ڪانفرنس ۾ ٿيندڙ فيصلن بابت ميڊيا کي آگهه ڪيو. واضح رهي ته پاڪستان جي درخواست تي زائرين جي مسئلن جي حل لاءِ ٽه ملڪي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. ايراني گهرو وزير سڪندر مومني چيو ته عراق ۽ پاڪستان جي گهرو وزيرن جا ٿورا ادا ڪريون ٿا جن زائرين جي مسئلي تي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي لاءِ ٽه ملڪي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. هن چيو ته زائرين جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي طئي ڪئي وئي آهي ۽ فيصلو ڪيو ويو آهي ته جوائنٽ ورڪنگ گروپ جوڙيو ويندو جيڪو زائرين جي مسئلن جي حل لاءِ گڏيل رابطي ۾ رهندو. عراقي گهرو وزير عبدالامير الشمري چيو ته ٽه ملڪي ڪانفرنس انتهائي ڪارائتي ۽ حوصلي جوڳي رهي ۽ ٽنهي ملڪن ۾ زائرين جي مسئلن تي هم آهنگي ڏٺي وئي. هن چيو ته ٽنهي ملڪن گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو آهي، اميد آهي ته گڏيل تعاون سان زائرين جي مسئلي کي حل ڪيو ويندو جنهن سان نه رڳو زائرين جي ميزباني ڪرڻ ۾ مدد ملندي پر زائرين کي پڻ سهولت ٿيندي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ٽه ملڪي ڪانفرنس ۾ ڪيترن ئي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ٽنهي ملڪن ڪارائتي معلومات جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ڳالهه ٻولهه انتهائي ڪارائتي رهي. هن چيو ته 70 لک کان وڌيڪ زائرين کي درپيش مسئلن جي حل جي حوالي سان حوصلي جوڳي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته عراق جي حڪومت جا ٿورائتا آهيون جيڪا اربعين امام حسين رضه جي موقعي تي وڏي اجتماع جي ميزباني ڪري ٿي، ايراني حڪومت جا به ٿورائتا آهيون جيڪا زائرين جي روانگي جي لاءِ خصوصي ڊيسڪ قائم ڪري عمل کي اڳتي وڌائي ٿي. وفاقي گهرو وزير چيو ته ان ڊگهي عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ڪانفرنس ۾ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي ۽ تمام جلد زائرين جا مسئلا حل ڪيا ويندا ۽ گڏيل حڪمت عملي جي ذريعي زائرين کي وڌيڪ بهتر سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ان کان اڳ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ٽه ملڪي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي درخواست تي زائرين جي مسئلن جي حل لاءِ ٽه ملڪي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي ايراني گهرو وزير سڪندر مومني جا ٿورا ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته عراق ۽ ايران ويندڙ زائرين اسان جي لاءِ تمام اهم آهن ۽ ٽه ملڪي ڪانفرنس سان عراق ۽ ايران ويندڙ زائرين کي وڌيڪ سهولت ملندي. محسن نقوي جنگ ۾ شاندار فتح تي ايران ۽ ايراني گهرو وزير کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان ايران تي حملي جي کليل مذمت ڪئي ۽ ايران جي حق جي دفاع کي مڪمل طور تي سپورٽ ڪيو. هن چيو ته جنگ دوران پاڪستاني عوام ايراني عوام سان گڏ بيٺل رهي، پاڪستان ۽ ايران ڀائر آهن ۽ سدائين ڀائر رهندا. هن چيو ته وزيراعظم ۽ اعليٰ عملدارن جنگ ۾ انتهائي متحرڪ ۽ مثبت ڪردار ادا ڪيو، جيڪو هو ڪري سگهيا پئي انهن اهو بهترين ڪردار ايران جي لاءِ ادا ڪيو، پاڪستان ۾ ايران جو سفير اميري مقدم هتي موجود آهي ۽ هو ان ڳالهه جو گواهه آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته سڀئي ڄاڻين ٿا ته اربعين تي لکين زائرين عراق وڃن ٿا، عراقي گهرو وزير ۽ گهرو وزارت جهڙي طرح لکين زائرين جي سارسنڀال ڪري ٿي اهو ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته زائرين کي بهترين طريقي سان هينڊل ڪرڻ تي عراقي گهرو وزارت کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته زائرين جي حوالي سان عراق ۽ ايران جي گهرو وزيرن کي پاڪستان پاران هر ممڪن خاطري ڪرايون ٿا. هن واضح ڪيو ته پهرين جنوري 2026ع کانپوءِ پاڪستاني زائرين انفرادي طور تي عراق نه وڃي سگهندا، زائرين گروپ آرگنائيزرز تحت ئي عراق وڃي سگهندا، زائرين گروپ آرگنائيزرز جي رجسٽريشن جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، آرگنائيزرز گروپ عراق ويندڙ زائرين جي وطن واپسي جا ذميوار هوندا. هن وڌيڪ چيو ته رڳو اهي ئي ماڻهو انفرادي طور تي عراق وڃي سگهندا جن کي سفارتخانو خصوصي ويزا جاري ڪندو، گروپ آرگنائيزرز جي سسٽم سان غيرقانوني عراق ويندڙن ۽ وڌيڪ قيام جي رجحان جو خاتمو ٿيندو. وفاقي گهرو وزير چيو ته عراق ۽ ايران به پاڪستان جي ان نئين نظام سان گڏ آهي، اسان کي گڏيل قدمن سان گڏجي غيرقانوني طور تي عراق ويندڙن ۽ اتي وڌيڪ قيام ڪندڙن کي هر صورت ۾ روڪڻو آهي. هن پاڪستان جي زائرين جي سارسنڀال تي عراق ۽ ايران جي حڪومتن جا ٿورا مڃيندي چيو ته لکين زائرين جو خيال رکڻ تمام وڏو چئلينج آهي ۽ ٻئي گهرو وزير اها ذميواري خوش اسلوبي سان ادا ڪري رهيا آهن.

مزید خبریں