ڪوئيٽا – 14 – جولائي (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ لاء اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرمين جسٽس يحييٰ آفريدي جي صدارت ۾ سپريم ڪورٽ ڪوئيٽا رجسٽري برانچ ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ روزي خان بڙيچ، سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر محمد رئوف عطاءَ، بلوچستان بار ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي چيئرمين امان الله ڪاڪڙ، وائيس چيئرمين …
چيف جسٽس آف پاڪستان جي صدارت ۾ سپريم ڪورٽ ڪوئيٽا رجسٽري برانچ ۾ اعليٰ سطحي اجلاس

مزید خبریں
ڪوئيٽا – 14 – جولائي (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ لاء اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرمين جسٽس يحييٰ آفريدي جي صدارت ۾ سپريم ڪورٽ ڪوئيٽا رجسٽري برانچ ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ روزي خان بڙيچ، سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر محمد رئوف عطاءَ، بلوچستان بار ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي چيئرمين امان الله ڪاڪڙ، وائيس چيئرمين بلوچستان بار ڪائونسل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي راحب بليدي ايڊووڪيٽ، پاڪستان بار ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي چيئرمين ياسين آزاد، وائيس چيئرمين پاڪستان بار ڪائونسل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي طاهر وڙائچ، بلوچستان بار ڪائونسل جي ميمبرن قاسم گاجيزئي، خليل احمد پانيزئي، بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر مير عطاءُ الله لانگو، قانون ۽ انصاف واري وزارت، لاء اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان، لاء ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري ۽ بلوچستان حڪومت جي پلاننگ ۽ ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جي نمائندن بشمول چيف اڪنامسٽ شرڪت ڪئي. اجلاس جو مقصد بلوچستان صوبي جي بار ايسوسيئيشنز ۽ لاء اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جي وچ ۾ اداراجاتي رابطن جو جائزو وٺڻ ۽ انصاف جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ هو. چيف جسٽس آف پاڪستان شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چوندي انصاف جي شعبي ۾ انهن جي اهم ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته هن هر صوبي جي ڏورانهن ضلعن جو دورو ڪيو ۽ بار ايسوسيئيشنز ۽ لاء اينڊ جسٽس ڪميشن جي وچ ۾ رابطي ۾ خال ڏٺو. بار ايسوسيئيشنز جي ترقياتي منصوبن جي لاءِ فنڊنگ جي ضرورت آهي ڇو ته اهي عدالتي ڪمپليڪسز ۾ شامل آهن جيئن ته لاء ڪميشن جي پهچ محدود آهي، ان لاءِ ڪميشن فيصلو ڪيو آهي ته هر صوبي ۾ هڪ سينيئر سطح جي نمائندي کي مقرر ڪيو ويندو جيڪي هاءِ ڪورٽس ۾ ويهندا. اهي نمائندا ضلعي بار ايسوسيئيشنز ۾ آگاهي وڌائڻ، مقامي ترجيحي شعبن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ پاڙن جي سطح تي جاري انصاف جي منصوبن جي نگراني جي لاءِ رابطي ڪار جي طور تي ڪم ڪندا. بارز پنهنجا ترقياتي منصوبا ضلعي ترقياتي ڪميٽين آڏو پيش ڪري سگهن ٿيون. وڌيڪ اهو ته وفاقي ۽ صوبائي ترقياتي ادارن جا نمائندا پڻ منصوبن جي وقت سر تڪميل ۽ وسيلن جي ٻٽي استعمال کان بچڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ شامل ڪيا ويا آهن. چيف جسٽس هم آهنگي جي اهميت تي زور ڏيندي بار نمائندن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي لاڳاپيل بار ايسوسيئيشنز کي انهن اڳڀرائين بابت حساس بڻائين ۽ انهن سڌاراجاتي قدمن ۾ فعال طور تي شريڪ ٿين. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته وفاقي حڪومت پاران بار ايسوسيئيشنز کي فراهم ڪئي ويندڙ سمورين سهولتن ۽ مدد کي ٺوس ۽ منظم ڪيو وڃي ته جيئن وسيلن جو موثر استعمال يقيني بڻائي سگهجي. چيف جسٽس صوبائي ادارن تي پڻ زور ڏنو ته اهي ڪميشن جي ريزيڊنٽ ايڊيشنل سيڪريٽري سان فعال رابطي ۾ رهن ته جيئن ضلعي سطح جي منصوبن کي وقت سر ۽ موثر انداز ۾ لاڳو ڪري سگهجي. هن گهٽ ترقي يافته ضلعن ۾ بنيادي ڍانچي جي کوٽ، غيرمستقل بجلي جي فراهمي ۽ ڊيجيٽل انضمام جي کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ انهن علائقن ۾ هدف ٿيل قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. چيف جسٽس اعلان ڪيو ته لاء اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جي اهتمام هيٺ هڪ نئون قدم شروع ڪيو ويو آهي جنهن تحت غريب سائلين کي رياست جي خرچ تي قانوني نمائندگي فراهم ڪئي ويندي، جيڪا مئجسٽريٽ عدالتن کان وٺي سپريم ڪورٽ تائين سمورين سطحن تي دستياب هوندي. ضلعي قانوني بااختياري ڪميٽين جي ذريعي وڪيلن کي 50000 رپين تائين معاوضو ڏنو ويندو. ان جو مقصد سمورن شهرين جي لاءِ انصاف تائين برابر پهچ کي يقيني بڻائڻ آهي. بار ايسوسيئيشنز ان مقصد جي لاءِ اهل وڪيلن کي ضلعي ججن، هاءِ ڪورٽس ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي نامزد ڪري سگهن ٿيون. چيف جسٽس بار نمائندن جي حوصلا افزائي ڪئي ته اهي پنهنجي ميمبرن کي فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي جي جاري ڪيل ڪنيٽينيونگ ليگل ايجوڪيشن پروگرامز مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ڏين. هن هدايت ڪئي ته تربيتي ڪئلينڊر کي بار ايسوسيئيشنز ۾ وسيع پئماني تي ورهايو وڃي ته جيئن پيشيواراڻي ترقي کي فروغ ڏئي سگهجي. بار ايسوسيئيشز فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي سان رابطي جي لاءِ فوڪل پرسنز مقرر ڪري سگهن ٿيون. هن لاء اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان تحت تازي نيشنل جوڊيشل پاليسي ميڪنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن کان پڻ آگاهه ڪيو. بار ايسوسيئيشن جي نمائندن ڪميشن جي مختلف قدمن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. انهن جا خدشا ٻڌايا ويا ۽ نوٽ ڪيو ويو جيڪي ايندڙ اجلاس ۾ جيڪو ڪراچي ۾ ٿيندو وڌيڪ بحث هيٺ ايندا. هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن بلوچستان جي صدر عطاءُ الله خان لانگو اجلاس کي صوبائي حڪومت پاران سڄي صوبي جي بار ايسوسيئيشنز کي فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن کان آگاهه ڪيو، جن ۾ عورت وڪيلن جي لاءِ 100 اسڪوٽيز، هاءِ ڪورٽ بار ۾ ڊيجيٽل لائبريري، هاءِ ڪورٽ کان ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ڪوئيٽا تائين شٽل سروس، هاءِ ڪورٽ بلوچستان جي وڪيلن جي لاءِ 100 ايڪڙ تي ٻڌل هائوسنگ اسڪيم ۽ وفاقي حڪومت پاران بلوچستان جي 28 ضلعي بارز ۽ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي لاءِ امداد شامل آهي. سمورين وفاقي ۽ صوبائي ڌرين انصاف تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ ۽ موثر بڻائڻ جي گڏيل مقصد کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ مڪمل تعاون ۽ حمايت جو يقين ڏياريو.











