اسلام آباد – 14 – جولائي (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان لنڊن ۾ برطانيا جي هائوسنگ، ڪميونيڪشن ۽ لوڪل گورنمينٽ لارڊ واجد خان ملاقات ڪئي. واپار واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات ۾ اقتصادي ۽ سماجي رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ هڪ پُل جي طور تي برطانيا ۾ اٽڪل 1.7 ملين ماڻهن تي ٻڌل مضبوط پاڪستاني ڄائي پاڪستانين مان فائدو کڻڻ تي ڳالهه …
واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي برطانيا جي هائوسنگ، ڪميونيڪشن ۽ لوڪل گورنمينٽ لارڊ واجد خان سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 – جولائي (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان لنڊن ۾ برطانيا جي هائوسنگ، ڪميونيڪشن ۽ لوڪل گورنمينٽ لارڊ واجد خان ملاقات ڪئي. واپار واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات ۾ اقتصادي ۽ سماجي رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ هڪ پُل جي طور تي برطانيا ۾ اٽڪل 1.7 ملين ماڻهن تي ٻڌل مضبوط پاڪستاني ڄائي پاڪستانين مان فائدو کڻڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. واپار واري وزير لارڊ واجد کي پاڪستان – برطانيا بزنس ايڊوائيزري ڪائونسل قائم ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو. ڳالهه ٻولهه ۾ شهري ترقي، سستي رهائش ۽ سمارٽ شهرن ۾ ٽيڪنيڪي تعاون جي نئين موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستاني شهري ادارن کي برطانيا جي ڪائونسلن سان ڳنڍڻ سان علم جي حصيداري ۽ پائليٽ پروگرامن جي راهه هموار ٿي سگهي ٿي جنهن سان ٻنهي ملڪن کي فائدو ٿيندو. واپار واري وزير جامع ترقي ۽ علائقائي رابطي جي لاءِ ميونسپل سطح جي حصيداري تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن اهم شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي اڀرندڙ موقعن کي ڏسڻ جي لاءِ لارڊ واجد کي پاڪستان اچڻ جي دعوت پڻ ڏني.











