اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته محرم الحرام اسان کي اهو عظيم درس ڏي ٿو ته جڏهن به ڪنهن قوم جي خودمختياري، نظرياتي اساس يا قومي وقار کي ڪنهن اندروني يا ٻاهرئين قوت کان خطرو هجي ته حضرت امام حسين رضه جي نقش قدم تي هلندي يڪجهتي، مضبوط عزم ۽ استقامت سان مقابلو ڪرڻ گهرجي، اڄ جي حالتن ۾ اسان کي ڪربلا جي انهي جذبي جي ضرورت آهي جيڪو اسان کي فرقيواريت، انتشار ۽ مايوسي مان ڪڍي هڪ اڻٿڪ قومي شعور عطا ڪري ٿو، دعا آهي ته هي هجري سال پاڪستان جي لاءِ خير، امن، اتحاد ۽ ترقي جو پيامبر ثابت ٿئي، هر قسم جي آفتن ۽ مصيبتن ۽ انتشار کان محفوظ هجي ۽ هي سال پاڪستان، مسلمان امت ۽ پوري انسانيت جي لاءِ امن، آشتي ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي نويد بڻجي اچي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب نئين هجري سال 1447هه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته اسلامي تقويم جي نئين سال 1447هه جي شروع ٿيڻ جي موقعي تي پاڪستاني قوم ۽ مسلمان امت کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ۽ الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ دعاڳو آهيان ته هجري سال ملڪ ۾ امن، خوشحالي ۽ استحڪام آڻي. هن چيو ته محرم الحرام اسلامي سال جو پهريون مهينو آهي پر اها شروعات رڳو انگ اکر جو سفر نه آهي پر قرباني ۽ سچائي جي ڏيئي سان منور رستو آهي، هن مهيني جي فضا اسلامي تاريخ جي سڀ کان روشن ۽ سڀ کان درمند داستانن سان مهڪي رهي هوندي آهي، هي مهينو اسلامي هجري سال جي حرمت وارن مهينن مان هڪ آهي، انهن مهينن کي الله تعاليٰ ٻين مهينن تي فوقيت ڏني ۽ انهن ۾ هر قسم جي انتشار ۽ جهيڙي کان منع ڪري نيڪي ۽ بندگيءَ جي ڪمن ۾ مشغول رهڻ جي تلقين فرمائي. هن چيو ته هي مقدس مهينو اسان کي ان ڳالهه جي تلقين ڪري ٿو ته اسان پنهنجي انفرادي زندگي کي به اجتماعي شعور سان ڳنڍيون. عدل ۽ انصاف، حسن سلوڪ، ايثار، ڀائيچاري ۽ برداشت جهڙن اوصاف کي پنهنجي زندگي ۾ شامل ڪريون. صدر چيو ته اڄ جڏهن اسان جو معاشرو معاشي ۽ سماجي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، اسان کي اتحاد، اخوت ۽ قومي يڪجهتي جهڙن اصولن کي اختيار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته محرم الحرام اسان کي اهو عظيم درس ڏي ٿو ته جڏهن به ڪنهن قوم جي خودمختياري، نظرياتي اساس يا قومي وقار کي ڪنهن اندروني يا ٻاهرئين قوت کان خطرو هجي ته قومن کي حضرت امام حسين رضه جي نقش قدم تي هلندي يڪجهتي، مضبوط عزم ۽ استقامت سان مقابلو ڪرڻ گهرجي. آصف علي زرداري چيو ته اڄ جي حالتن ۾ اسان کي ڪربلا جي انهي جذبي جي ضرورت آهي جيڪو اسان کي فرقيواريت، انتشار ۽ مايوسي مان ڪڍي هڪ اڻٿڪ قومي شعور عطا ڪري ٿو. هن دعا ڪئي ته هي هجري سال پاڪستان جي لاءِ خير، امن، اتحاد ۽ ترقي جو پيامبر ثابت ٿئي، هر قسم جي آفتن ۽ مصيبتن ۽ انتشار کان محفوظ هجي ۽ هي سال پاڪستان، مسلمان امت ۽ پوري انسانيت جي لاءِ امن ۽ آشتي ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي نويد بڻجي اچي.