چنگ ڊا-26 جون (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف شنگهائي تعاون تنظيم جي اصولن ۽ مقصدن لاءِ پاڪستان جي ثابت قدم عزم کي ورجائيندي اجتماعي سلامتيءَ جي اهميت ۽ دهشتگردي خلاف مضبوط ڪوششن ۽ علائقائي رابطن کي وڌائڻ تي زور ڀريو آهي. هن غزه ۾ وڌندڙ تشدد ۽ انساني بحران تي پاڪستان جي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي فلسطيني شهرين تي اسرائيل جي وحشياڻي تشدد ۽ لاتعداد …
بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف پاران شنگهائي تعاون تنظيم ۾ اجتماعي سلامتيءَ جي اهميت، دهشتگردي جي خاتمي جي مضبوط ڪوششن ۽ علائقائي رابطن کي وڌائڻ تي زور
چنگ ڊا-26 جون (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف شنگهائي تعاون تنظيم جي اصولن ۽ مقصدن لاءِ پاڪستان جي ثابت قدم عزم کي ورجائيندي اجتماعي سلامتيءَ جي اهميت ۽ دهشتگردي خلاف مضبوط ڪوششن ۽ علائقائي رابطن کي وڌائڻ تي زور ڀريو آهي. هن غزه ۾ وڌندڙ تشدد ۽ انساني بحران تي پاڪستان جي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي فلسطيني شهرين تي اسرائيل جي وحشياڻي تشدد ۽ لاتعداد حملن کي روڪڻ ۽ انساني امداد جي بنا رڪاوت فراهميءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ فوري مستقل جنگبندي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪالهه بچاءَ واري وزارت پاران جاري بيان موجب هن چين جي شهر چنگ ڊا ۾ رٿيل شنگهائي تعاون تنظيم جي بچاءَ وارن وزيرن جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ بچاءَ واري وزير شنگهائي تعاون تنظيم جي اصولن ۽ مقصدن لاءِ پاڪستان جي ثابت قدم عزم کي ورجايو، اجتماعي سلامتي جي اهميت، دهشتگردي جي خاتمي جي مضبوط ڪوششن ۽ علائقائي رابطن کي وڌائڻ تي زور ڀريو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته شنگهائي تعاون تنظيم پنهنجي ميمبر ملڪن وچ ۾ ڳالهين، گڏيل اعتماد ۽ تعاون تي ٻَڌل حصيداريءَ کي هٿي ڏئي استحڪام لاءِ هڪ اهم ٿنڀ طور ڪم ڪري ٿو. هن گڏيل قومن جي چارٽر، شنگهائي تعاون تنظيم جي چارٽر ۽ عالمي طور قبول ٿيل عالمي قانونن تي پاڪستان جي پابنديءَ جي عزم کي ورجايو، جنهن جو مقصد امن، سلامتي، سٺن پاڙيسري لاڳاپن ۽ قومن وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ آهي. بچاءَ واري وزير جاري عالمي تڪرارن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي ايران خلاف اسرائيل طرفان ڪيل اڳرائي ۽ غير قانوني فوجي قدمن جي مذمت ڪئي. هن غزه ۾ وڌندڙ تشدد ۽ انساني بحران تي پاڪستان جي گهري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي فلسطيني شهرين تي اسرائيل جي وحشياڻي تشدد ۽ لاتعداد حملن کي روڪڻ ۽ انساني امداد جي بنا رڪاوٽ وهڪري کي يقيني بنائڻ لاءِ مستقل جنگبنديءَ جو فوري طور لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. بچاءَ واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پائيدار، علائقائي خوشحالي جي گڏيل ويزن کي حاصل ڪرڻ لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي فريم ورڪ تحت علائقائي رابطن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ پُرامن ۽ مستحڪم افغانستان ضروري آهي. دهشتگرديءَ جي معاملي تي بچاءَ واري وزير زور ڀريو ته هي هڪ گڏيل خطرو آهي ۽ ان کي اجتماعي طور مُنهن ڏيڻ گهرجي. پاڪستان سڀني رياستن کان مطالبو ڪري ٿو ته هو پنهنجي اندرين ناڪامين کان توجهه هٽائڻ لاءِ دهشتگرديءَ جي ذريعن سان مُنهن ڏيڻ لاءِ بين الاقوامي برادري جي گڏيل ڪوششن کي سياسي رنگ ڏيڻ کان پاسو ڪن. هن چيو ته پاڪستان دهشتگرديءَ جي سمورن شڪلين ۽ اظهار جي ڀرپور مذمت ڪري ٿو. پاڪستان ڄمون ڪشمير جي عالمي طور تسليم ٿيل تڪرار ۽ غير قانوني طور والاريل علائقي ۾ دهشتگرداڻن حملن جي به مذمت ڪري ٿو، اسان سڀني رياستن کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو ان رياستن جي قدمن جو گهيرو ڪن، جن پاڪستان جي صوبي بلوچستان ۾ جعفر ايڪسپريس تي دهشتگرد حملي جي منصوبا بندي ۽ مالي معاونت سميت سرپرستي ڪئي. بچاءَ واري وزير ڪشمير ۽ فلسطين جهڙن پُراڻن تڪرارن جي حل لاءِ عالمي برادريءَ جي ذميواريءَ تي به روشني وڌي ۽ خبردار ڪيو ته حل نه ٿيندڙ عالمي تڪرار، عالمي امن ۽ سلامتيءَ کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن، ان سلسلي ۾ هن ڳالهين ٽياڪڙي ۽ سفارتڪاري ذريعي تڪرارن جي پُرامن حل تي زور ڀريو. بچاءَ واري وزير ان موقعي تي تاجڪستان، ايران، قازقستان ۽ چين جي پنهنجي هم منصبن سان ٻه طرفيون ملاقاتون ڪيون. گڏيل سيڪيورٽي ترجيحن ۽ گهري تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. فورم ۾ پاڪستان جي فعال شموليت شنگهائي تعاون تنظيم جي ڇتي هيٺان علائقائي استحڪام، گڏيل تعاون تي ٻَڌل گهڻ رُخي تعميري ڪردار طور نشاندهي ڪري ٿي.












