گڏيل قومون – 12 جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش عالمي فوجداري عدالت (آءِ سي سي) جي 4 ججن خلاف آمريڪي پابندين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن جي سربراهه جي نائب ترجمان فرحان حق گذريل ڏينهن معمول جي پريس بريفنگ دوران چيو آهي ته سيڪريٽري جنرل آمريڪا جي ايگزيڪيوٽو آرڊر تحت پابندين ۾ عالمي فوجداري عدالت جي 4 ججن جي نامزدگي تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومون ۽ آءِ سي سي ڌار ڌار ۽ الڳ مينڊيٽ وارا ادارا آهن ۽ گڏيل قومون آءِ سي سي کي عالمي فوجداري انصاف جو هڪ اهم ٿنڀ سمجهي ٿو ۽ سيڪريٽري جنرل ان جي ڪم جو احترام ڪري ٿو. نائب ترجمان چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل عدالتي آزادي جي بنيادي اصول جي اهميت تي به زور ڀري ٿو.