رياض _ 12 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ناروي ۾ ايران ۽ مصر جي هم منصبن ملاقات ڪئي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اوسلو انٽر نيشنل فورم 2025 ع جي موقعي تي ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ملاقات ۾ ٻنهن ملڪن جي ٻه طرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو، علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جو جائزو خاص طورتي غزه ۽ اولهه ڪناري جي صورتحال ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون ويون . ان موقعي تي ناروي ۾ سعودي سفير خالد بن محمد الشريف ۽ پرڏيهي وزارت جو مشير ڊاڪٽر منال رضوان به موجود هئا .