بيروت – 12 جون (اي پي پي ) ليبيا جي اڳوڻي صدر معمر قذافي جي پٽ ، هنيبل قذافي لبنان ۾ پنهنجي گرفتاري خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر بک هڙتال شروع ڪري ڇڏي آهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق اهو قدم لبنان جي انصاف واري وزارت طرفان لبيا جي حڪومت جي مطالبن کي مسلسل نظر انداز ڪرڻ تي کنيو ويو جنهن ۾ هنيبل جي آزادي جو مطالبو شامل هو . هنيبل قذافي تي الزام آهي ته هن شيعه اڳواڻ امام موسى الصدر جي لاپتا ٿيڻ بابت معلومات لڪائي هئي . واضع رهي ته امام موسى الصدر ۽ سندس جا 2 ساٿي 1978ع ۾ لبيا ۾ لاپتا ٿيا هئا . هنيبل کي ڊسمبر 2025ع ۾ شام ۾ سياسي پناهه جي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو ، جتي کيس اغوا ڪري لبنان منتقل ڪيو ويو هو . هنيبل قذافي کي گرفتار ٿيندي 10 سال ٿي چڪا آهن . پر اڄ تائين ان تي ڪو ڪطئي عدالتي فيصلو ناهي ٻڌايو ويو ۽ نه وري ڪا نئين معلومات هن ذريعي سامهون آئي آهي . سندس خلاف ” معلومات لڪائڻ “ جو الزام آهي جڏهن ته عدالتي جج طرفان هن وقت تائين ڪو فيصلو جاري ناهي ڪيو.