صنعا _ 12 جون (اي پي پي ) آمريڪا ۽ چين لنڊن ۾ واپاري ڳالهيون مڪمل ڪري ورتيون آهن ۽ واپاري ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ جنيوا ۾ ٿيل اتفاق راءِ جي بنياد تي هڪ فريم ورڪ تي اتفاق ڪيو آهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق جنيوا ۾ آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ ۽ واپار واري وزير هاورڊ لٽنڪ چين جي نائب وزيراعظم حولي فنگ ۽ واپار واري وزير وانگ وينتائو سان ملاقات ڪئي . ڳالهين ۾ چين طرفان ناياب ڌاتن ۽ آمريڪا طرفان سيمي ڪنڊڪٽرز سان لاڳاپيل شين جي روانگي واپار تي پابندي تي ڌيان ڏنو ويندو .ملاقات بعد لٽنڪ صحافين کي ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن گذريل مهيني جنيوا ۾ ٿيل اتفاق راءِ تي عمل درآمد لاءِ هڪ فريم ورڪ تي اتفا ق ڪيو آهي . لٽنڪ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان معاهدي سان ناياب ڌاتن جي روانگي واپار سميت ٻيا مسئلا حل ٿي ويندا . چين جي واپاري نمائندي ۽ نائب واپار واري وزير لي چنگ تصديق ڪئي آهي ته ٻنهي ملڪن فريم ورڪ تي اصولي طورتي اتفاق ڪيو آهي .