گڏيل قومون -11 جون (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي، ته مشڪل چئلينجز باوجود جمهوري ادارن ۽ سلامتي جي ماحول کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ عراق جون ڪوششون تحسين جوڳيون آهن. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد چيو ته گذريل ڏينهن گڏيل قومن جي عراق بابت امدادي مشن (يو اين اي ايم آءِ) جي باري ۾ بريفنگ کي خطاب ڪندي سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو ته مستقل سڌارن ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي جي قدمن، وفاقي بجيٽ لاڳو ڪرڻ، ڪاميابي صوبائي ڪائونسلن جي چونڊ ۽ علائقائي ترقي تي ڌيان هاڪاري رفتار جي عڪاسي ڪري ٿو. هن هموار ۽ تعاون يافته منتقلي جي ضرورت تي زور ڀريو ڇاڪاڻ ته اهو مشن 31 ڊسمبر تائين بند ٿيڻ وارو آهي. يونائيٽيڊ نيشنز اسسٽنس مشن آف عراق (يو اين اي ايم آءِ) کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ان وقت ڪيو ويو جڏهن عراق استحڪام ڏانهن اهم اڳڀرائي ۽ پنهنجا ڪم مڪمل ڪرڻ جا حوالا ڏيندي 2025ع جي آخر تائين پنهنجو ڪم ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي. يو اين اي ايم آءِ 2003ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي ۽ اها ٻين لازمي ڪمن کان سواءِ قومي ۽ ڪميونٽي سطح تي جامع سياسي ڳالهين سان گڏوگڏ مفاهمت کي اڳيان وڌائڻ لاءِ ڪم ڪري ٿو. پاڪستاني نمائندي چيو ته اسان عراق ۾ سمورن سياسي اسٽيڪ هولڊرز جي حوصلا افزائي ڪيون ٿا ته هو ڳالهين ۽ شموليت کي برقرار رکڻ، خاص طور تي هلندڙ سال نومبر ۾ ٿيندڙ قومي چونڊن جي تيارين کي نظر ۾ رکندي اداره جاتي خال کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪن. پاڪستاني نمائندي چيو ته پاڪستان کي علائقائي سلامتي جي غير مستحڪم ماحول تي ڳڻتي اهي، جيڪو عراق جي استحڪام لاءِ خطرو آهي، اسان عراق جي خودمختياري، اتحاد ۽ علائقائي سلامتي لاءِ پنهنجي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪيون ٿا ۽ اهو ضروري آهي ته عراق کي علائقائي محاذ آرائي طرف نه ڌڪيو وڃي. واضح رهي ته عراق ۾ پارلياماني چونڊون 11 نومبر کان ٿينديون جڏهن ته گڏيل قومن جي عراق بابت امدادي مشن 31 ڊسمبر تائين بند ٿيڻ وارو آهي.