سيالڪوٽ-01 جون (اي پي پي) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف بزنس ڪميونٽي ۽ فيڊريشن آف پاڪستان چيمرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايف پي سي سي آءِ) جي اڳواڻ رياض الدين شيخ جي گهرواريءَ جي روح کي ثواب لاءِ منعقد اجتماعي دعا جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن مرحومه جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي، هن بزنس ڪميونٽي جي اڳواڻ رياض الدين شيخ ۽ سندس پٽ رافع رياض الدين شيخ کي آٿت ڏني ۽ چيو ته ڏک ۽ تڪليف جي هن گهڙي ۾ هو ساڻن گڏ آهي ۽ دعاڳو آهيان ته الله پاڪ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ وارثن کي صبر عطا فرمائي.