اسلام آباد-01 جون (اي پي پي) ڀارتي چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل انيل چوهاڻ طرفان پاڪ ڀارت جنگ دوران ويڙهاڪ جهاز تباهه ٿيڻ جي اعتراف کانپوءِ ڀارت ۾ شديد ردعمل سامهون آيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق بي بي سي، پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته سنگاپور ۾ جڏهن ڀارت جي چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل انيل چوهاڻ کان پاڪستان طرفان ڀارت جا جهاز ڪيرائڻ بابت 2 مختلف انٽرويوز (بلوم برگ ۽ روئٽرز) ۾ پڇيو ويو ته هن جواب ڏيندي چيو هو ته اهم ڳالهه اها نه آهي ته جهاز ڪيرايا ويا، پر اهم ڳالهه اها آهي ته اهي ڇو ڪيرايا ويا؟ ڪهڙيون غلطيون ٿيون، اهي ڳالهيون اهم آهن. نمبر اهم ناهي هوندا. رپورٽ مطابق سوشل ميڊيا تي بلومبرگ ۽ روئٽرز جا انٽرويو ڪلپس وائرل آهن ۽ ڀارتي صارفين طرفان سخت ردعمل سامهون اچي رهيو آهي. ايم پي ۽ اڳوڻي صحافي ساگريڪا گهوش پڇيو ته اها خبر سڀني کان اڳ عالمي ميڊيا کي ڇو ڏني وئي؟ اها حقيقت سڀ کان اڳ ڀارت جي شهرين، پارليمنٽ ۽ عوامي نمائندن کي ڇو نه ٻڌائي وئي؟ ڇا اهو ڄاڻڻ عوام جو حق ناهي؟ ڇا قومي سلامتي جي نالي تي سچ صرف پرڏيهي ميڊيا کي ٻڌايو ويندو؟ بلال شاهه، لکيو ته حڪومت پنهنجي شهرين کان اهو سچ ڇو لڪائي رهي آهي؟ پروفيسر اشوڪ سوئن، ايڪس تي جنرل انيل جي انٽرويو جو ڪلپ شيئر ڪندي لکيو ته ڀارتي فوج جي چيف آف ڊفينس اسٽاف، سنگاپور ۾ بلومبرگ ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي اعتراف ڪيو آهي ته پاڪستان سان تازي جنگ ۾ ڀارت پنهنجا ويڙهاڪ جهاز وڃايا آهن. هو پڇن ٿا ته اها ڳالهه هن ڀارتي عوام ۽ ميڊيا کي ڀارت ۾ ڇو نه ٻڌائي؟ هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ هن پڇيو ته آڪٽوبر 2024ع ۾ 100 اسرائيلي ويڙهاڪ جهازن، 2000 ڪلو ميٽر جو فاصلو طئي ڪري ايران ۾ 20 کان وڌيڪ هنڌن کي ٽن مرحلن ۾ نشانو بڻايو ۽ ان پوري آپريشن ۾ اسرائيل جو هڪ به جهاز ضايع نه ٿيو. ته پوءِ ڀارت، پاڪستان خلاف جنگ ۾ پنهنجا ويڙهاڪ جهاز ڪيئن وڃايا؟ جڏهن ته ڀارتي جهاز ته پنهنجي ئي فضائي حدن مان ميزائل فائر ڪري رهيا هئا.