آمريڪي صدر پاران ٽيرف پاليسي بابت عارضي عدالتي رليف تي خوشي جو اظهار

واشنگٽن - 30 مئي (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ٽيرف جي جارحاڻي حڪمت عملي تي عدالتي پابندي جي فيصلي جي عارضي معطلي تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق واشنگٽن ۾ فيڊرل سرڪٽ لاءِ رياست هاءِ متحده جي اپيل تي عدالت چيو ته حڪومت جي درخواست تي غور ڪرڻ لاءِ ماتحت عدالت جي فيصلي کي روڪي رهي آهي. عدالت ڪيس جي مدعيان کي 5 جون …

واشنگٽن – 30 مئي (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ٽيرف جي جارحاڻي حڪمت عملي تي عدالتي پابندي جي فيصلي جي عارضي معطلي تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق واشنگٽن ۾ فيڊرل سرڪٽ لاءِ رياست هاءِ متحده جي اپيل تي عدالت چيو ته حڪومت جي درخواست تي غور ڪرڻ لاءِ ماتحت عدالت جي فيصلي کي روڪي رهي آهي. عدالت ڪيس جي مدعيان کي 5 جون ۽ انتظاميه کي 09 جون تائين جواب ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي. ان کان اڳ آمريڪا جي عالمي واپاري عدالت صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف بابت حڪمن کي ان بنيادتي روڪي ڇڏيو هو ته هن اهڙن ڪجهه ملڪن جي امپورٽ تي محصول لاڳو ڪري پنهنجيا اختيار اورانگهيا.