اسلام آباد-10 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته حج اڏامون هاڻي سان شيڊول موجب سعودي عرب روانيون ٿينديون. ترجمان گذريل ڏينهن جاري بيان ۾ چيو ته پاڪستان جون فضائي حدون هر قسم جي اڏامن لاءِ مڪمل بحال ڪيون ويون آهن ۽ ان ڪري حج آپريشن به شيڊول موجب بحال ٿي ويو آهي. ترجمان چيو ته فلائيٽ آپريشن جي وقت بوقت بندش سبب مجموعي طور تي 10 حج اڏامون ملتوي ٿيون. فلائيٽس ملتوي ٿيڻ سبب 2 هزار 290 حج پانڌيئڙن جو شيڊول متاثر ٿيو آهي. ترجمان چيو ته هڪ هزار 277 حج پانڌئيڙن کي خصوصي اڏامن ذريعي روانو ڪيو ويو آهي، رهجي ويل هڪ هزار 13 حج پانڌئيڙن کي جلد خاص اڏامن ذريعي سعودي عرب روانو ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته حج پانڌيئڙا اڏامن جي معلومات لاءِ لاڳاپيل حاجي ڪيمپن سان رابطي ۾ رهن.