اسلام آباد -10 مئي (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني هٿياربند فوج جي حوصلي، جذبي ۽پيشيواراڻي حڪمت عملي کي زبردست لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي، جيڪو هميشه خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ڀائيچاري جو خواهشمند رهيو آهي، جيڪڏهن ڪنهن پاڪستان جي سلامتي، خودمختياري ۽ قومي وقار کي چئلينج ڪيو ته پوري قوم هٿياربند فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهندي. سينيٽ سيڪريٽريٽ ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ مان گذريل ڏينهن جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڀارتي جارحيت خلاف هٿياربند فوج جي ڪامياب ۽ جرئتمنداڻي آپريشن بنيان المرصوص تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ ڀارتي جارحيت خلاف پاڪستان جي هٿياربند فوج جي وقت سر ۽ جرئتمنداڻي ۽ پيشيواراڻي حڪمت عملي کي زبردست لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي، جيڪو هميشه خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ڀائيچاري جو خواهشمند رهيو آهي، هن چيو ته آپريشن بنيان المرصوص ڀارتي اڳرائي جو اهڙو ڀرپور جواب ڏنو، جيڪو عالمي ايوانن تائين بڌو ويو. هن چيو ته ڀارت آئينده پاڪستان ڏانهن ميري اک سان ڏسڻ جي جرئت نه ڪندو، جيڪڏهن دشمن ٻيهر ڪا ناپاڪ حرڪت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته وري به ان کي عبرتناڪ انجام جو منهن ڏسڻو پوندو. هن هٿياربند فوج جي سپه سالار ۽ سمورن جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته قوم پنهنجي جانبازن جي جرئت، بهادري ۽ حب الوطني تي فخر ڪري ٿي، پاڪ فوج جنهن تدبر، حڪمت عملي ۽ اثرائتي آپريشن ذريعي دشمن جي ناپاڪ عزمن کي مٽي ۾ ملايو هو تحسين لائق آهن. هن چيو ته ملڪي سلامتي ۽ قومي خودمختياري جي تحفظ لاءِ پوري قوم، سياسي ۽ عسڪري قيادت ۽سمورا ادارا هڪ ئي پيج تي آهن، هر محاذ تي دشمن خلاف هڪ زبان ۽ هڪ جان ٿي مقابلو ڪنداسين. هن چيو ته عالمي برادري ڀارت جي اڳرائي ۽ جارحيت جو نوٽيس وٺي، ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي قيام لاءِ عالمي برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪري.