اسلام آباد – 08 مئي (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ 10 ۾ اڄ (جمعي ڏينھن) واحد ميچ لاھور قلندرز ۽ پشاور زلمي وچ ۾ کيڏي ويندي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي انتظام ھيٺ پي ايس ايل جي ڏھين ايڊيشن جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاري آھي، جنھن ۾ ڪرڪيٽ جي مداحن کي انتھائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رھيا آھن. ليگ جي 28 ھين ميچ ۾ اڄ لاھور قلندرز ۽ پشاور زلمي جون ٽيمون راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، راولپنڊي ۾ آمھون سامھون ٿينديون. ميچ رات 8 وڳي شروع ٿيندي ۽ فلڊ لائيٽس جي روشني ۾ کيڏي ويندي. لاھور قلندرز کي فاسٽ بالر شاھين شاھه آفريدي ليڊ ڪري رھيو آھي ۽ ٻين نمايان رانديگرن ۾ فخر زمان، حارث رئوف، ثام بلنگز، ٽام ڪيوران، ڪوسل پريرا، ڊيرل مچل، آصف علي ۽ سڪندر رضا شامل آھن. لاھور قلندرز جي ٽيم 9 پوائنٽس سان گڏ پوائنٽس ٽيبل تي چوٿين نمبر تي آھي. لاھور قلندرز 9 ميچون کيڏيون آھن جن ۾ ان کي 4 ميچن ۾ ڪاميابي جڏھن ته 4 ميچن ۾ شڪست کي منھن ڏيڻو پيو ھو. پشاور زلمي جي ٽيم مشهور بيٽسمين بابراعظم جي قيادت ھيٺ ميدان ۾ لھندي، ٻين نمايان رانديگرن ۾ صائم ايوب، عبدالصمد، مچل اون، محمد حارث، محمد علي ناھيد راڻا، الزاري جوزف، عارف يعقوب، ليوڪ ووڊ ۽ علي رضا شامل آھن. پشاور زلمي جي ٽيم 8 ميچون کيڏي چڪي آھي جن ۾ ان کي 4 ميچن ۾ ڪاميابي ملي جڏھن ته 4 ۾ شڪست ٿي آھي. پشاور جي ٽيم پوائنٽس ٽيبل تي 8 پوائنٽس سان گڏ پنجين نمبر تي آھي. ٽورنامينٽ جو فائنل 18 مئي تي قذافي اسٽيڊيم، لاھور ۾ کيڏيو ويندو.