مالي-16 اپريل (اي پي پي)مالديپ فلسطين جي عوام سان مڪمل يڪجهتي جي اظهار لاءِ اسرائيل جي سياحن جي ملڪ ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب مالديپ جي صدر محمد معيز پارليامينٽ جي منظور ڪيل قانون سازي جي فوري توثيق ڪري ڇڏي آهي. صدر جي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب اها پابندي اسرائيل پاران فلسطيني عوام سان جاري ظلم ۽ نسل ڪشي جي قدمن خلاف حڪومتي موقف جي عڪاسي ڪري ٿي. صدارتي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هيو ته اسرائيل جي سياحن تي اها پابندي فوري طور تي لاڳو ڪئي ويندي . مالديپ هڪ هزار 192 جزيرن تي ٻڌل هڪ اسلامي جمهوريا ملڪ آهي جيڪو پنهنجي اڇي رنگ جي واري جي سمنڊ ۽ فيروزي رنگ جي شفاف پاڻي جي ڍنڍن مان سڃاتو ويندو آهي . سرڪاري انگن اکرن موجب هلندڙ سال فيبروري ۾ 2 لک 59 هزار سياح مالديپ جي سير لاءِ آيا جنهن مان رڳو 59 هزار جو تعلق اسرائيل سان هيو. مالديپ ان کان اڳ 1990ع جي ڏهاڪي ۾ اسرائيل جي سياحن جي آمد تي پابندي کنئي هئي ۽ 2010ع ۾ لاڳاپن جي بحالي طرف قدم وڌايا هيا.